ڪڍڻ ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪڍڻ(ن س) ڪڍڻ لڳ ديھ بوھڙڪي جي ڳوٺ حاجي عبدالقادر بروھي  ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ بدين پوليس جي وڏن اٽالن جي منشيات جي نالي تي ٿيل چڙھائي خلاف بروھي برادري ۽ مختلف ذاتين جي سوين ماڻھن جو ڳوٺ حاجي عبدالقادر بروھي ۾ احتجاجي مظاھرو ۽ پرھجوم پريس ڪانفرنس، پ پ اڳواڻ رئیس عبداللطیف بروھي پيپلز پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاھرو بروھي برادري جي اڳواڻ پ پ جي اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر ۽ ھاڻوڪي پ پ جي ٽڪيٽ يافته ضلعي ڪائونسل جي اميدوار رئيس عبداللطيف بروھي، جمعه خان بروھي، حاجي گل محمد بروھي، اسماعيل بروھي، غلام اڪبر بروھي، تنگائي خان بروھي، عبدالغفار لاشاري، عبدالرسول لاشاري، محمد کوسو، عثمان منڌرو، گل حسن کوسو، ڌڻي بخش ملاح، موھن ميگھواڙ، مٺن مھراڻپوٽو، انور راھمون، علي محمد نوتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي م سوين ماڻھن پرھجوم پرڀس ڪانفرنس کانپوء احتجاجي مظاھرو ڪري بدين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن ميڊہا سان ڳالھائيندي چيو تہ پوليس منشيات جي نالي تہ اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آھي پوليس اسان جي اوطاق ڊاھي پٽ ڪري ڇڏي پر کين سرزمين تان ڪک بہ نہ مليو اسان آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون تہ اسان جي گھرن تي ٿيل پوليس گردي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو رخ وڌايو ويندو. انھي موقعي تي پ پ جي اڳوڻي ضلع ڪائونسلر ۽ ھاڻوڪي پ پ جي ضلعي ڪائونسلر جي اميدوار رئیس عبداللطیف بروھي پيپلز پارٽي سان 34 سالن جو تعلق ختم ڪري برادري سميت پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ھن واقعي کي پنج ڏينھن ٿي ويا آھن پر پارٽي جي ڪنھن بہ اڳواڻ رابطو نہ ڪيو جتي اسان جي مائرن ء ڀينرن جي عزت نہ ھجي ان پارٽي سان گڏ نہ ٿا رھي سگھون جلد پنھنجي برادري ۽ راڄ سان گڏجي پنھنجي سياسي مستقبل جو اعلان ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں