قاسم خاصخيلي
سنڌ ۾ هاڻ ته ڪو اهڙو ڏينهن نٿو گذري جنهن ڏينهن ڪو نه ڪو دل ڏکائيندڙ واقعو نٿو ٿئي ڪا بري خبر ٻڌڻ لاء نٿي ملي ڪڏهن روڊ حادثا، ڪڏهن برساتن ۽ سيلاب جا نقصان ته ڪڏهن وري اسپتالن ۾ دوائن ۽ علاج جي سھولتن جي کوٽ يا مھانگائي سبب ماڻھن جي خودڪشين ۽ ٻارن جي کپائڻ جا واقعا ٿيڻ ڄڻ ته زندگي جو هڪ معمول بنجي ويو آھي جنھن تي ڪير به غور فڪر ڪرڻ لاء تيار ناهي، سچ ته محسوس ائين پيو ٿئي ڄڻ سنڌ جي عوام هاڻ مڪمل طور نڌڻڪي ۽ يتيم ٿي وئي آھي جتي نه ڪنهن جي عزت محفوظ آھي نه ئي وري ڪنهن کي ڪو پيٽ ڀري کائڻ لاء ماني ٿي ملي، نه روزگار جا ذريعا ٿا وڌن ۽ نه وري ڪو انساني زندگين کي آسائتو بنائڻ لاء اسان جي ملڪ جي حڪومتن طرفان ذميواريون محسوس ڪري بنيادي صحت جون بهتر سھولتون ڏنيون ٿيون وڃن، خبر ناهي ته ڇو هاڻ سنڌ سميت ملڪ جا حڪمران توڙي ڪاموارا يا ته بي رحم ٿي چڪا آھن يا ته بي وس بنجي ويا آھن جو هت رهڻ وارن انسانن لاء رڳو سور ئي سور سرجيل آھن روزانو ڪيتريون ئي زندگيون بيڪار ۽ بنا پلاننگ جي ٺھيل روڊن تي حادثن جو شڪار ٿين ٿيون يا ته وري ٻين مسئلن ۾ ڪيترين ئي امڙين جو جھوليون خالي ٿي رهيون آھن، انهن جو هڪ ته وڏي ۾ وڏو سبب اسپتالن ۾ صحت جي بهتر سهولتن جو نه هجڻ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ به آھي پر هاڻي ته جر جي پاڻي زهريلي ٿيڻ ڪري به ايندڙ وقت ۾ انساني جانيون وڏي خطري هيٺ اچڻ جا خدشا پئدا ٿي رهيا آھن جنهن کي جاچڻ لاءِ سنڌ ۾ گذريل ويھ سال کن اڳ تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ جر جي پاڻي اندر سينکيو هئڻ جي تصديق ٿي، زير زمين پاڻي جو ايندڙ وقتن ۾ تيزي سان زهريلو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ان بابت اڳواٽ اپاء وٺڻ جو جوڳو بندوبست نه ڪرڻ ۽ ان تي پاڻي ۽ مٽي جي چڪاس ڪندڙ ادارن سميت ڪنهن به حڪومتي توڙي اين جي اوز جي ڪنهن به ڌر ڪا سنجيدگي نه ڏيکاري يا نه ئي ان تي ڪو مڪمل ڪم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجھ وقت کان وٺي سنڌ جي ڪافي علائقن مان زير زمين پاڻي جي زهريلو ٿيڻ ۽ ان ۾ سينکيو هجڻ جون وقت بوقت اخبارن ۾ خبرون اينديون رهن ٿيون، سنڌ ۾ زير زمين پاڻي زهريلو ٿيڻ جي ڪري انسان زندگيون خطري هيٺ اچي رهيون آھن، ماڻھن ۾ پيٽ ۽ ساھ جي بيمارين سميت ڪاري ڪامڻ، ٽي بي ۽ ڪينسر جھڙا خطرناڪ مرض آھستي آھستي انسانن کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي رهيا آھن، سنڌ جي ٻين ضلعن جيان شھيد بينظير آباد جي به ڪجھ علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو ٿي ويو آھي جنهن سبب ڪافي ڳوٺن سميت شھرن جي ڪجھ علائقن جا ماڻھو زهريلو يا سينکئي وارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آھن، اطلاع آھن ته سڪرنڊ ڀرسان هڪ ڳوٺ پير پريل شاهه آھي جتي گذريل ڇھن مھينن جي ٿورڙي عرصي اندر ڪينسر جي موذي مرض سبب هڪ ئي ڳوٺ جا 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جيڪا ڳالھ ايندڙ وقت لاء هڪ وڏي خطري جي علامت سمجهي پئي وڃي، علائقي واسي سخت ڏک ۽ پريشاني جو شڪار نظر اچي رهيا آھن، سڪرنڊ جي ڳوٺ پير پريل شاھ ۾ ڇھن مھينن اندر ڪينسر ۽ ڪاري ڪامڻ سبب ايترن ماڻھن جي فوتگين صحت کاتي سميت مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس واري کاتي جي ذميوارن لاء هڪ وڏو سواليا نشان ڇڏيو آھي جتي ڳوٺاڻن پاران ٻڌايو پيو وڃي ته 30 سالا شهمير چانڊيو، 50 سالا غلام محمد چانڊيو، 45 سالا بخشل چانڊيو، 25 سالا عبيد الله چانڊيو، 19 سالا سڄڻ چانڊيو، 50 سالا محمد رحيم، 48 سالا حاجي نور الدين مغيري، 50 سالا يعقوب چانڊيو ۽ محمد حسن چانڊيو ڪينسر ۽ ڪاري ڪامڻ ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن، فوتي هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي ۽ انهن ۾ ڪجھ ھڪ ٻئي جا ويجھا عزيز پڻ ٻڌايا وڃن ٿا، هن ڏک ڀرئي موقعي تي يوسي فتح پور جي چيئرمين محمد الدين چانڊيو، فتح خان چانڊيو، علي نواز، شبير احمد ۽ پرويز احمد چانڊيو جو چوڻ آھي ته خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري ڪينسر ۽ ڪاري ڪامڻ ٿي رهي آھي جنهن وگهي لاڳيتو ڳوٺاڻا فوت ٿي ويا آھن ۽ ڪافي ماڻهو اڃان بيمار به آهن پر ڊاڪٽر پاران اسان کي سندن کي ڪينسر يا ڪاري ڪامڻ ٿيڻ جو اصل سبب نه ٻڌائي رهيا آهن. جڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي پاڻيءَ ۾ خطرناڪ قسم جو سينکيو آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ حڪومت پاران فلٽر پلانٽ لڳائي صحت کاتي جون اعلي سطحي ٽيمون موڪليون وڃن ته جيئن علائقي ۾ ڪينسر ڪاري ڪامڻ سميت ٻين وڌندڙ بيماري جو اصل پتو لڳائي انھن جي روڪٿام ڪرڻ لاء ڪي جوڳااپاء ورتا وڃن، ٻئي طرف مسلسل فوتگين تي سڪرنڊ بهتري ڪاميٽي جي چيئرمين رضا محمد چانڊيو، خير محمد چنا، علي شير انڙ ڳوٺ پير پريل شاھ پھچي ڳوٺاڻن کان ٿيندڙ فوتگين بابت معلومات ورتي ۽ چيو ته فوري طور تي حڪومت کي جوڳا اپاء وٺڻ گهرجن ٻي صورت ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانين جي نقصان جو خدشو آهي. هن موقعي تي خاص ڪري سنڌ حڪومت جي اعلي اختيارين کي سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ وڌندڙ سينکئي بابت تڪڙا اپاء وٺي مسقتل بنيادن تي انهن علائقن ۾ سينکيو وڌڻ جا سبب ڳولي اتان جي ماحول موجب قدرتي وسيلن کي بحال ڪرڻ سميت شھرن ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽن جون اسڪيمون ڏئي انساني جانيون بچائڻ لاء اسپتالن کي مڪمل طور اپ گريڊ ڪري اتان جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر بنايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪن پريشانين کان بچڻ جا اسان جي حڪومتن ۽ ماڻھن کي موقعا ميسر ٿي سگھن.
