دادو(ڊ ر)دادو ڊسٽرڪٽ جيل ڪاميٽي جنهن ۾ سول سوسائيٽي جي نمائندن، وڪيلن، چئمبر آف ڪامرس اڳواڻن ۽ ٻين دادو جيل جو دورو ڪيو،جنهن ۾ دادو جيل جي سپرينڊنٽ عبدالغفار چانڊيو، علي حيدر ملاح، شاهد علي پنهور، آفيسرن ميمبر آف ليگل ڪاميٽي جي فهد ڏاوڇ صوفي آڪسفورڊ هاء اسڪول جي پرنسپل جاويد علي سهاڳ دادو چمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ مقبول ميمڻ پيرالاهي بخش ڪاليج جي لڪچرار ايڊووڪيٽ زيبا وگهيو الخدمت فائوڊيشن صدر مولوي واحد بخش ٻٻر گڏجي جيل جو دورو ڪيو قيدين کي 3 وقت ماني م ڪپڙا استري ٿي ملن ٿا واش روم ۽ صفائي جو نظام بهتر آهي جيل اسپتال دوائن جو اسٽور موجود هو جتي دوائون مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو ڊاڪٽر مريضن کي ڏسي ٿو هرروز جي بنياد تي قيدين کي قران پاڪ جي تلاوت ڪرائي وڃي ٿي قيدين پاران دادو جيل جي انتظاميا کي ساراهيو، ان موقعي وڪيلن پاران جيل اندر غريب قيدين جو مفت ۾ ڪيس وڙھڻ اعلان ڪيو ويو هڪ قيدي 6 ميهنن کان جيل ۾ آھي جنهن وٽ 20 هزار نه هئا ان جي لاء چمبر آف ڪامرس اڳواڻ مقبول ميمڻ قيدي کي 20 هزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو جئين ڪورٽ کي پئسا پيڊ ڪري آزاد ٿي سگھي، غريب قيدي تمام خوش ٿيو، اڳواڻن کي دعائون ڪيون. ان موقعي تي جيل سپرنٽيڊنٽ عبدالغفار چانڊيو اڳواڻن کي پنهنجي شاعري يادن جا ديپ ڪتاب گفٽ ڪيا.
