قمبر ۾  آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جو پگھار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾  آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن پگهارون نه ملڻ خلاف شھداء چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شايان ھادي شيخ،عمران علي چانڊيو، امتياز علي مغيري،امجد حسين گوپانگ ۽ ٻين چيو ته سيڪريٽريٽ جي عدم دلچسپي سبب پگھارن ۾ دير جو مک سبب ڄاڻايو ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اپريل جي مھيني ۾ اسان کي آرڊر ڏنا ويا ان بعد اسان پرائيويٽ نوڪرن تا استعفائون ڏئي سرڪاري ڪم کي ايمانداري سان نڀايو آهي جنھن جو ثبوت  سيڪريٽري ۽ وزير تعليم پڻ ڏئي چڪا آھن ان با وجود به اسانکي گذريل ڏھن مھينن کان وٺي فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٻوڏ  به وڌ کان وڌ اسان جي ضلعي کي نقصان رسايو پر سرڪار اسان جون پگھارون جاري نه پئي ڪري هنن سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جون پگھارون جاري ڪيون وڃن ته جيئن اسان جي خاندان مان فاقا ڪشي جي لھر ختم ٿي سگھي،،، 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں