قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ ميمبرن جون اجتماعي استعيفائون منظور ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ ميمبرز جي استعيفائن جي اجتماعي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي اسد قيصر، قاسم سوري، عامر ڊوگر ۽ امجد خان تي ٻڌل وفد اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽيءَ جي پاليسي تحت سمورن ايم اين ايز اجتماعي طور استعيفائون ڏنيون آهن، سندن استعيفائون منظور ڪيون وڃن ته جيئن عام چونڊن جي راهه هموار ٿئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف جواب ڏيندي چيو ته اجتماعي طور استعيفائن جي منظوري نه ٿو ڏئي سگهان، سمورن ميمبرز کي استعيفا جي تصديق لاءِ انفرادي طور گهرايو ويندو. راجا پرويز اشرف بعد ۾ ميڊيا سان به ڳالهائيندي چيو ته  استعيفا ڏيڻ هر ميمبر جو حق آهي، پر آئين موجب هر ميمبر کي پنهنجي هٿن سان استعيفا لکڻي آهي، هر ميمبر کي پنهنجي استعيفا جي اسپيڪر آڏو پيش ٿي تصديق ڪرائڻي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ وفد قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن تي گفتگو ٿي. ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته سياست ۾ دَر بند ناهن ڪيا ويندا، سياستدانن ۾ رابطا رهڻ گهرجن، استعيفائن جي تصديق تي پاڪستان جي آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن موجب فيصلو ٿيندو، استعيفائن لاءِ سڀني ميمبرن کي انفرادي طور گهرايو ويندو. سندس چوڻ هو ته اڳ به پي ٽي آءِ ميمبرن کي استعيفائن جي تصديق لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان ميمبر استعيفيٰ جي منظوري روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں