هنڱورجا(ن س) سنڌي ثقافت جي ڏھاڙي جي حوالي سان پنجاب جي صوبائي ھيڊ ڪوارٽر شھر لاھور ۾ انڊس ايسوسئیشن پاران ثقافتی ڏھاڙو ملھايو ويو، جنھن ۾ لاھور ۾ رھندڙ سنڌ واسين سنڌي ٽوپي اجرڪ پھري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . ثقافتي پروگرام کي سنڌي ٻولي جي نالي واري شاعر ۽ مھمان خاص اياز گل، انڊس ايسوسيئيشن جي صدر منير احمد گھانگھرو، انور عزيز چانڊيو،حفيظ چنہ، اشوڪ ڪمار ء ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ھن وقت پوري ملڪ جي وڏن شھرن اسلام آباد، لاھور سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملھائجي پئي، اھا سنڌ جي ثقافت جي فتح آھي، ان موقعي ٿيل محفل موسيقي ۾ احمد مغل، تحسين سڪينہ ۽ ٻين سرائڪي، پنجابي فنڪارن سرن جي ورکا ڪري فن جو مظاھرو ڪيو، محفل ۾ احمد مغل جيئي سنڌ ,سنڌ وارا جيئن، سنڌ مرڪي پئي ،ھو جمالو چئي نوجوانن کي جھومائی ڇڏيو، پنجاب سان تعلق رکندڙ نئین اڀرندڙ فنڪارہ تحسين سڪينہ جمن دربدر جو ڪلام وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو ڳايو ته پنڊال ۾ ويٺل سڀني گڏجي جھونگاريو ، جڏھن ته ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي انڊس ايسوسئیشن جی صدر منير احمد گھانگھرو ،شاعر اياز گل ۽ ٻين انڊس ايسوسئیشن جی آرگنائیزرن ڊاڪٽر جڳديش ڪمار، ڊاڪٽر چيتن لال، ڊاڪٽر شمس بوزدار، خالد عباسي،ھادي بخش خاصخيلي، خدا بخش اڄڻ سميت انڊس ايسوسئیش سان لاڳاپيل ماڻھن کي شيلڊون ڏنيون ويون پروگرام ۾ پنجاب، جي سي يونيورسٽي، لاھور يونيورسٽي جي شاگردن سميت مختلف مڪتبہ فڪر سان تعلق رکندڙ مردن .عورتن توڙي ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
