محمد اسماعيل لانگاھ
هفتو ٻه پهرين سوشل ميڊيا تي فوج جي سابق سربراه آصف غفور جي هڪ ويڊيو بيان ٻُڌو جنهن ۾ ھُن اسانجي ملڪ جي معاشي بُحران جي ڪمزورين بابت ڪم جهڙيون ڳالهيون چيون, هن چيو ته اسانجو ملڪ سڀني قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود ستر سالن کان اسان ترقي بجاء تباهي طرف وڃي رهيا آهيون هر ايندڙ حڪومت کي ويندڙ حڪومت مٿان الزام ھڻندي ٻُڌو آهي ته اسين نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون ۽ افسوس جو ملڪ تي هي آيل نازڪ دور مان اسان ڪڏھن نڪرنداسين اسان کان پوئتي پيل ملڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چُڪا آهن ملڪ جي بهتري ۽ ھنن بُحرانن مان نڪرڻ لاء مخلصي ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي سو جنرل آصف غفور جي چيل لفظن تي اسان کي بلڪل سنجيده نموني سان عمل ڪرڻ گهرجي سياسي ويڙهاند سان گڏ هن وقت ملڪ ۾ معاشي ڪمزوري ۽ مهانگائي جو نئون بُحران کڙو ٿي ويو کاڌي پيتي جون اهم شيون ڪڻڪ, اٽي, گيھ, چانور, جا ريٽ آسمان تي پهچايا ويا آهن پر غريب عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ بجاء ملڪ جون سياسي جماعتون هڪ ٻئي جون جنڳهون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن.
ملڪ ۾ سياسي بحران جڏھن به بُحران کڙا ٿيا آھن انهن جو بار صرف غريب عوام ڀوڳيو آهي انهن ۾ ٿيندڙ سنگين حالتن ملڪ جو به ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي جو هن وقت صرف غريب ماڻھن کي بچائڻ بجاء حڪومت صرف ان پريشاني ۾ مبتلا آهي ۽ دنيا جي قرض ڏيندڙ دوست ملڪن اڳيان جهولي جهلي بيٺل آهن آخر ٻين جي آسري تي ڪيستائين هلبو پنهنجا پرڪار به سڌا ڪرڻ ضروري آهي قرض وٺڻ جي بدنامي وارو داغ ملڪ جي معيشت تي ڪاري داغ جيان لڳي ويو آهي جنهن جو ڪارڻ سياسي بُحران آهن اهو سلسلو ملڪ جي آزادي کان وٺي هن وقت تائين ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نٿو وٺي آخر هن ملڪ جو ڇا ٿيندو وقت کان اڳ چونڊيل حڪومتن جا تختا اونڌا ڪيا ويا ۽ هر ٻئين ٽئين سال کربين رپيا چونڊن تي خرچ ڪيا ويندا رهيا آهن تان جو هن وقت ان دڳ تي اچي رسيا آهيون جو نه اڳتي وڃي سگهون پيا نه پوئتي ورڻ جي وصيعت رهي آهي۽ عوام جا نصيب اهي ساڳيا بدنصيب بڻيل آهن جيڪڏھن ترقي ڪئي آ ته ڪرپشن ۽ چونڊيل نمائندن جنهن ناڻو لُٽي ملڪ کي اهڙين سنگين حالتن واري موڙ تي اچي بيهاريو آهي جو اسين ائٽمي طاقت به سڏايون پيا ۽ پئسا پني ملڪ هلايون پيا مهانگائي ۽ معاشي بُحرانن سبب اسان وٽ حالتون هن وقت بلڪل اهڙي موڙ تي آھن جتي ملڪ جا حڪمران پنهنجي خراب ڪرتوتن کي لڪائڻ لاء غريب عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ چاهين ٿا جنهن ۾ پهرين ڌڪ ۾ اٽو 120 رپيا ڪلو ڪيو ويو آهي روس جيان اسان جي ملڪ ۾ هرٽئين چوتين مهيني اٽي جو بُحران پيدا ڪيو وڃي آخر هي غريب عوام سان سازش ڪيستائين هلندي آهي ئي غريب عوام جو جيئندان اٽي لپ تي جيڪو مسڪينن جي معصوم ٻارن جو پيٽ پالي ٿو ستر سالن کان آزادي ماڻيندڙ اسانجي ملڪ جا حڪمران هروقت اهو راڳ آلاپيندا رهيا آھن ته اسين نازڪ دور مان گذرون پيا آخر هي نازڪ دور واري راڳ جو رينگٽ ڪڏھن بند ٿيندو غريب عوام سُک جو ساه کڻندو حڪمرانن جي ڪڇ ۾ پنڻ واري پيل لٺ هٿ ۾ کنيل ڪشتو ڪڏهن آجو ٿيندو هٿ سان پيدا ڪيل تشويشناڪ حالتن جا اثرات ۽ ملڪي جي ناقص حڪمراني سبب غريب عوام ڪيستائين ڀوڳيندي رهندي ملڪي ناڻو لٽيندڙ پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي هليا وڃن ٿا اسان جو ملڪ پوئتي پيل ملڪن کان به پوئتي ٿيندو پيو وڃي آخر هن ڏُکي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو ملڪي خزاني واري کوٽ ڪيئن ختم ڪبي بيروني قرضن ۽ آء ايم ايف جي سفارشن کي ڪيستائين مڃبو؟ پي ٽي آء حڪومت کي ختم ڪري موجوده اتحادي حڪومت پ پ ، ن ليگ، جي يو آء ، ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين جيڪي عوام سان واعدا ڪيا ڇا اهي پورا ڪيا ويا آهن هن اتحادي حڪومت کان ته عمران سرڪار ۾ ڪُجھ بهتري هئي هنن ته سڄو ڍانچو ابتو ڪري ڇڏيو آهي .
ملڪ جون سنگين سياسي معاشي حالتون اهو ٻُڌائن ٿيون ته هي بُحران ناقص حڪمراني جا نتيجا آهن جيڪي هن وقت عوام جي زندگين ۽ ملڪ جي بهتري ۽ مضبوط مستحڪم معيشت لاء سازگار ناهن هن آيل امتحان مان حڪمرانن لاء سبق پرائڻ ضروري آهي ته هو ايندڙ وقت لاء ڪا جامع پاليسي جوڙين ۽ هي مهانگائي جو جيڪو بُحران پيدا ٿيو آهي ان کي معيشت جي بهتري سان نه جوڙيو معاشي پاليسي جوڙڻ گهرجي ٻوڏن سبب هن وقت زراعت بلڪل ختم ٿي وئي ايندڙ وقت ۾َڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿيڻ سبب اٽو اڃا به وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي جيڪڏھن ملڪ بچائڻو آهي آبادگارن هارين ۽ زراعت جي توسيع لاء وسيلا پيدا ڪيا وڃن جنهن سان ملڪ ۽ قوم جون معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن
