ڪراچي (پ ر) سنڌ جي وڏي وزير جي آرڪائيوو کاتي بابت صلاحڪار مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر طارق حسن سان سندس آفيس ۾ سي پي ايل سي جي اڳوڻي چيف شرف الدين ميمڻ ۽ ممتاز سياسي سماجي اڳواڻ محفوظ النبي ملاقات ڪئي ۽ سنڌ حڪومت ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار ٿيڻ ۽ کيس مبارڪ ڏنيون. ان موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار طارق حسن چيو ته مان سڀني عوام ،پارٽي ورڪرز ۽ اوهان جهڙن دوستن جو انتهائي مشڪور آھيان ۽ هي اختيار ملڻ به اوهان دوستن جي دعائن جو نتيجو پڻ آھي. هن وڌيڪ چيو ته هي دروازا عوام لاء کليل ۽ کليل رهندا، اسان کي مليل زميواريون ڄڻ ته سنڌ ۽ سنڌ عوام جي تاريخ سنڀالي هلڻ جي يا خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آھي. آرڪائيوو کاتي ۾ جيترو ٿي سگهيو عوامي خدمت سان گڏوگڏ سنڌ جي علمي ،ادبي، سياسي ۽ سياحتي توڻي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاء پنهنجون مصروفيتون ۽ محنتون ڪنداسين. انشاء الله وقت ٻڌائيندو ته تاريخ کي محفوظ رکڻ لاء اسان به ننڍڙي ڪوشش ڪنداسين جيڪا پڻ تاريخ جو ريڪارڊ طور سڃاتي ويندي.
