نوابشاهه(ڊ ر) ضلعي سانگھڙ جي تعلقي سنجھورو ۾ گذريل ڏينهن بيدردي سان قتل ٿيل ديا ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري ۽ نوجوان لو ڪمار جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي لاءِ پاران عامر ابو لاکو، معيز جمالي، فراز عباسي، نادر ڀنگوار، جبار سنڌي، گلفام سنڌي، منصور زرداري، امير شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ضلعي سانگھڙ جي تعلقي سنجھوري ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل بيواهه ديا ڀيل جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته ديا ڀيل جو قتل انسانيت جو قتل آھي جنھن سڄي انسان ذات جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته مذھبي جنونين پاران ٿر جي نوجوان لو ڪمار کي مذھب جي آڙ ۾ گرفتار ڪرائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته ديا ڀيل جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ نوجوان لو ڪمار کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.
