نوابشاهه(ڊ ر) سڄي ڄمار قلمي پورهيو ڪندڙ صحافت سان جنون جي حد تائين عشق ڪندڙ سنڌ جي ثقافت جي پيڪر سيد علي محمد شاهه لڪياري جي قلمي پورهئي ۽ ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس ڀائٽي سيد شوڪت حسين شاهه لڪياري پاران نوابشاهه پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي صدارتي خطاب ڪندي حق صوفي ازم ورلڊ تنظيم جي باني فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي چيو ته علي محمد شاهه لڪياري جو وجود سراپا عشق هُيو اوهان هُن کي ثقافت، صحافت يا سياست جو سرواڻ ڀلي چئو پر اسان کيس هڪ روحاني هستي سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ته منهنجون ساڻس راز رمز جون ڪيتريون ئي صحبتون ٿيون هُن لاءِ انسانيت سان محبت سڀ کان عظيم فڪر هُيو، حُر تحريڪ تي تحقيق ڪندڙ فقير مير محمد نظاماڻي چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري جي صحبت ۽ محبت مون جهڙي اڻ پڙهيل کي به تاريخ ۽ تحقيق جي مشڪل پسند شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڏنو لڪياري حُر تحريڪ ۽ انهي جي عظيم ڪردارن ماڳ مڪانن تي جيترو ڪم ڪيو اوترو سندس هم اثرن مان ڪنهن به نه ڪيو، پريس ڪلب جي صدر مشرف علي ڀٽي چيو ته علي محمد شاهه لڪياري ننڍ وڏائي جو قائل نه هُيو هو عجز عاجزي ۽ نياز نڙوت جو پيڪر هُيو هُن سڄي ڄمار صرف ۽ صرف پيار ۽ محبت ورهائي، نامور اديب ۽ شاعر فياض چنڊ ڪليري چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هڪ ادارو ۽ عشق جو پيڪر هُيو هُن وٽ هر مذهب هر مسلڪ ۽ هر طبقي جو ماڻهو پنهنجا ڏک سُور کڻي ايندو هو ۽ علي محمد شاهه ان جون جهوليون خوشين ۽ مُرڪن سان ڀري ڇڏيندو هو لڪياري سنڌ جي انچ انچ، چپي چپي جو تواف ڪيو ۽ هر ساهه واري توڙي بي جان شين کي دل جي نگاهه سان دريافت ڪري ان تي تحقيقي ڪم ڪيو اهڙا ڪردار تاريخ ۾ مرڻ بدران هميشه امر رهندا آهن، انهي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه جي سيڪريٽري ستار سندر چيو ته علي محمد شاهه لڪياري جيئي سنڌ تحريڪ جو سرگرم شاگرد اڳواڻ هيو جنهن سنڌو ديش جو نعرو تخليق ڪيو ۽ سنڌ جا عشق جي پاداش ۾ عقوبتوب ۽ سعوبتون سٺيون هُن کانپوءِ اسان سڀ مڪمل يتيم ٿي ويا آهيون، سينئر صحافين بخش علي جمالي، اسماعيل ڊومڪي چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري هڪ نظرياتي فڪري ۽ قلم سان ڪميٽيڊ انسان دوست صحافي هُيو جنهن مال ملڪيت ميڙڻ بدران ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون ۽ هو مسڪينن جو سهارو ۽ مددگار هُيو هُن غريبن سان خبرون هلائڻ سان گڏ انهن جو عملي ڪم به ڪندو هُيو هو وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي.
