نواب ولي محمد ۾ ايس يو پي جي لائيو اسٽاڪ کاتي خلاف احتجاجي ريلي

نواب ولي محمد(ن س) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثر مالوند ماڻهن جي چوپائي مال لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي کي مليل چارو ۽ دوائون حقيقي برسات متاثرن کي نه ملڻ خلاف ايس يو پي پاران رياض ڪاڪيپوٽو، ڌڻي بخش ڪلوئي، خادم انڙ علي حسن چانڊيو، محمد بخش پرهياڙ، رمضان لاکو جي اڳوڻي ۾ قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي نواب ولي محمد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ضلع شهيد بينظير آباد لائيو اسٽاڪ کاتي کي مليل چوپائي مال جو چارو بهه ۽ دوائون برسات متاثر مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي مختلف يونين ڪائونسل جن ۾ يوسي چارڙو، يوسي ھبيري، يوسي ساوڙي، يوسي مهراڙو، يوسي مير محمد جوڻو سميت ڏھ يوسيز ۾ من ماڻهن ۾ چارو ورهايو ويو آهي حقيقي برسات متاثر کي نظر انداز ڪيو ويو آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي پ ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں