نوشهروفيروز(ڊ ر)نيب ،ايف آءِ اي ،اينٽي ڪرپشن ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهيا ، ھڪ جوابدار پاران ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو ضمانت لاءِ درخواست ڏني. درخواست اينٽي ڪرپشن سکر جي عدالت ۾ ڏني وئي آھي. جنھن جي ٻڌڻي 5 جنوري 2023 تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ھوڏانھن ميگا ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪندڙ ادارن جا قلم به خاموش ٿي ويا آھن. ايف آئي اي ملڪ کان ٻاھر ويل اڳوڻي ڊي سي جي واپسي لاء وڌيڪ ڪارروائي ناھي ڪئي. جڏھن ته اينٽي ڪرپشن نوشھروفيروز ۽ نيب شھيد بينظير آباد جي جاچ سستي جو شڪار آھي ۽ ڪيس جا مک جوابدار گرفتار ڪري نه ٿي سگھيا آھن. مک جوابدار اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم ملڪ کان ٻاھر آھي. اين ايڇ اي جو ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، خالد چنو،اصغر جتوئي، تپيدار ٺارو پهوڙ، اڳوڻو مختيارڪار ڀرياسٽي نياز اڄڻ به روپوش بڻيل آھن. ان کان علاوه ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ھٿان گرفتار ٿيل 9 جوابدار ڊسٽرڪٽ جيل ڀيڙا ٿيل آھن.
