وارھ(ن س) قومي عوامي تحريڪ پاران وارھ ۾ عظيم ھاري اڳواڻ ڪامريڊ ڊاڪٽر قاضي غفار جي 22ھين ورسي ملھائي، جنھن جي صدارت قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئي. وارھ پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ نون صوبن بابت ڪميٽي ٺاھڻ، مھانگائي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن خلاف اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ سوين عورتن سميت واپارين، دڪاندارن، شھرين شرڪت ڪئي. وارھ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي ملڪ جا هاري، مزدور ۽ غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ محتاج آهي. پندرهن سالن کان سنڌ کي مسلسل لٽيو پيو وڃي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اقتداري مفادن لاءِ ڪرپشن جا ڪيس واپس ورتا ويا ته احتساب تان اعتبار کڄي ويندو، سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي تازي ٺهراءُ کانپوءِ پيپلز پارٽي 18هين ترميم تان ھٿ کڻي چڪي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ لاڙڪاڻي، شهداد ڪوٽ ۽ دادو ۾ ڏوھ ۽ ڪرپشن عوام لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. سنڌ جي ڪرپشن ڪيسن ۾ احتساب عدالتن مان ڇو رليف ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي، زرعي پيڪيج ڏنو وڃي. وفاق پاڻي، گئس، بجلي، روزگار ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ سان انصاف ڪري سنڌ ۾ منشيات جي اسمگلنگ، ڏوهن ۽ دهشتگردي کي برداشت نہ ڪنداسين. لاڙڪاڻي، شهداد ڪوٽ ۽ دادو ۾ صنعتون ڏنيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دشمن معاهدو ۽ اقتدار خاطر سنڌ جو سودو برداشت نہ ڪنداسين، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي سنڌ جي وحدت بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم ۽ سائنس جي ضرورت آهي. غربت ۽ بيروزگاري دهشتگردن کي مقامي ايجنٽ فراهم ڪن ٿا. وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن کي گهرجي تہ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ پنهنجي ايجنڊا بيان ٻڌائين، ملڪ ۾ لاقانونيت، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي تي سخت ڳڻتي آهي. سنڌ ۾ وڏيرن ۽ جاهل مردن جي حاڪميت ۽ هارين ۽ مظلوم عورتن جي غلاميءَ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ترقي جي عمل ۾ سنڌ جي شموليت کانسواءِ نتيجا ممڪن ناهن. جمهوريت، برابري ۽ انصاف جو رستو ئي ترقي جو رستو آهي. جيڪي ماڻھو سعودي ۽ آمريڪي پاليسين تي ھليا، اھي ڏسي وٺن تہ انهن ملڪن پنهنجا رستا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. چئني صوبن جون زمينون ۽ وسيلا انهن صوبن جي ماڻهن جا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي گهرجي تہ هو پنهنجي اقتدار بدران 22 ڪروڙ عوام جي ڏکن جو سوچين. پاڪستان کي 5 سالن لاءِ باصلاحيت قومي حڪومت جي ضرورت آهي. حڪومت سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. سنڌ جو عوام هاڻي ڪرپشن، جهالت ۽ ڏوهن خلاف اٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽر قاضي غفار سنڌ جو آواز ھو، سنڌ جو اھو يگانو انقلابي ھاري اڳواڻ ھو جنھن وطن ۽ ڌرتي ڌڻين جي حقن جي جدوجھد لاء پنھنجي صحت جي بہ پرواھ نہ ڪئي۔ ھن ڏينھن ھجي يا رات پارٽي حڪمن کي لبيڪ ڪيو۔ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي حقن ۽ جمھوريت لاء ثابت قدم رھيو۔ قاضي غفار ھڪ ايماندار، ديانتدار ۽ سچو انقلابي اڳواڻ ھو، جنھن چاھيو ٿي تہ سنڌ ۾ تعليمي انقلاب اچي، نوجوانن ۽ نياڻين ۾ تعليم ذريعي سنڌ ۾ بيداري جو انقلاب اچي، سنڌ کي قاضي غفار جھڙن انقلابي، بي لوث ۽ سچن اڳواڻن جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي خطرن کان بچائڻ لاء انقلابي اڳواڻ قاضي غفار وانگر بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو، ھن سنڌ جي بھادر پٽ برابري جي ڳالھ ڪئي، سنڌ جي حقن لاء ثابت قدم جدوجھد ڪئي۔ بيماري باوجود پنھنجي وطن، پارٽي ۽ عوام لاء جدوجھد ڪئي. قاضي غفار ھڪ آدرشي، جاکوڙي، انقلابي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ھو، ھن پارٽي ۽ قوم کان ڪا تمنا، ڪا طلب ڪرڻ بدران ھميشہ پارٽي، قوم ۽ سندس شھر وارھ لاءِ بي لوث خدمت ۽ جدوجھد ڪئي، عظيم ۽ ثابت قدم جدوجھد تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ھاري تحريڪ کان وٺي زندگي جي آخري گھڙي تائين پارٽي سان رھيو، ھارين جي حقن لاءِ، ڪالاباغ ڊيم، سنڌودرياھ تي ڌاڙي، مھاجر صوبي، انتھاپسندي، ڪرپشن، مھانگائي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف پارٽي جي ھر سڏ تي لبيڪ چئي جدوجھد ڪئي. قاضي غفار جھڙا اڏول، اڻٿڪ ۽ آدرشي ڪارڪن سنڌ کي بدلائي سگھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي تعليم، صحت، پاڻي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن جا اختيار ھجڻ باوجود سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن جي نااهلي، ڪرپشن، بيڊگورننس جي سزا سنڌ جو عوام ڀوڳي پيو. سنڌ ۾ گذريل پندرهن سالن کان حڪمراني ڪندڙ جماعت پيپلزپارٽي سنڌ سان اھڙو حشر ڪيو ويو آهي شايد دنيا ۾ ڪنهن سان ائين ٿيو بہ ھجي، جيڪي حڪمران سالن سنڌ ۾ حڪمراني ڪن ٿا انهن جي دلين ۾ احساس نالي ڪا بہ شئي نظر نٿي اچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ عوام دشمن پاليسي رھي آھي، اقتداري پارٽين سنڌ کي ھميشہ نظرانداز ڪيو آهي. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي انهن جي ايجنڊا تي ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مينيج ٿيل حڪمران سدائين ڊڪٽيشن تي ھليا آھن۔ انھن جي خراب پاليسين جي ڪري ملڪ ترقي نہ ڪري سگھيو آھي، اسان کي ٻاھرين ڊڪٽيشن بدران پنھنجن مفادن تحت پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻ گھرجي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي. آئين ۽ قانون تي عمل نہ ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون. ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري. معاشي بحران، سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي. صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي ڃي رهيا آهن. ھن وڌيڪ چيو تہ عوام جي وسيلن تي حڪمران طاقتن، آمرن، جابرن، پرڏيهي دهشتگردن ۽ عالمي طاقتن جي ايجنٽن جو قبضو آهي.
