اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آرمي چيف طرفان وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي آگاهي ڏني وئي. ذريعن وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪواڄ سڏايو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ مُلڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر جي روڪٿام بابت غور ويچار ڪيو ويندو جڏهن ته عسڪري اختيارين پاران دهشتگردي ۽ افغان سرحد جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي بريفنگ ڏني ويندي.
