ٻوڏ سبب سنڌ صوبو هن صديءَ جي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي، انفراسٽرڪچر ۽ ڪووڊ 19 کي گهٽائڻ لاءِ موثر پاليسيون جوڙڻ ۽ ڪورونا کانپوءِ دنيا ۾ موقعا حاصل ڪرڻ هڪ وڏو چيلنج آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ 52 هين پي اين اسٽاف ڪورس ۽ 20 هين ڪورسپانڊنس اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان 200 ملين کان وڌيڪ آبادي جو ملڪ آهي ۽ وچولي طبقي جي آبادي 2025 تائين 100 ملين تائين پهچي ويندي، پاڪستان دنيا جو 10 هون وڏو مڊل ڪلاس ملڪ بڻجي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معاشي ملڪ بڻجي ويندو ۽ هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسان انفراسٽرڪچر جي ترقي، توانائي، تعليم، ٽيڪنيڪل سکيا ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻينداسين، جنهن سان هو دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهي سگهندا. سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ جي تباهيءَ بابت چيو ته ٻوڏ سبب صوبو هن صديءَ اندر ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي جيڪو جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ آيل برساتن ۽ ٻوڏن مان واضح آهي ته 151 عورتون ۽ 339 ٻارن سميت 801 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8442 زخمي ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں