ٽنڊو آدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ انتظاميه پاران عارضي طور تي کوٽايل سم نالن تي مقرر ڪيل اقليتي برادري جي 13 ملازمن کي گذريل چئن مهينن کان پگھار نه ملڻ خلاف جسقم ٽنڊوآدم سانگھڙ پاران لطيف گيٽ کان اي سي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن الھداد مري . غلام شبير ڪوريجو . ارشاد بروهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته انتظاميه جي ھدايت تي برسات دوران بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ لاء شهر ڀرسان عارضي طور تي هڪ سم نالو ٺاهيو ويو جنهن تي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 13 ڄڻن بابو ڀيل . پپو ڀيل . هريش ڀيل . ڪرشن ڀيل سميت 13 ڄڻن کي ڏينهن رات لاء ڏھاڙي تي مقرر ڪيو ويو هو گذريل چئن مھينن کان انهن روزاني ڏھاڙي تي رکيل اقليتي نوجوانن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن. جنهن سبب سندن گهرن اندر فاقه ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي سينيٽر فدا حسين ڏيرو جي منشي مالهو ڀيل جي معرفت پورهيتن کي رکرايو ويو هو. جنهن جي دانهن اڳوڻي سينيٽر کي ڏني پر ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو آدم عمران نظير شيخ کي به روبرو ۽ فون تي به پگهارون نه ملڻ جون شڪايتون ڏنيون پر انتظاميه جي ڪن تي جونء به نه چري سگهي. هنن چيو ته سم نالي تي پنهنجي ڊيوٽي مڪمل طور سرانجام ڏيندا پيا اچن جنهن جي ڪري شهر اندر برسات جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ کان بچايو ويو. جيڪڏهن هي پورهيت ويران جهنگ ۾ پنهنجا فرض نه نڀائين ها ته ٽنڊو آدم شھر جي اڌ آبادي پاڻي هيٺ ھجي ها ۽ وڏي تباهي ۽ بربادي ٿئي ها پر هنن اقليتي نوجوان پورهيتن جي سچائي سان ڏينهن رات ڊيوٽي ڪرڻ سان شهر جو عوام محفوظ رھيو هنن وڌيڪ چيو ته اقليتن جي وڏي مذهبي ڏڻ ڏياري تي به پگهارون نه ڏنيون ويون هيون. نه ئي هن وقت تائين انهن نوجوان پورهيتن جي برسات سٽلين جي حوالي سان به سندن گهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪابه سھولت نه ڏني وئي آهي ۽ هن مھل تائين به هنن جي گهرن اندر برسات جو پاڻي بيٺل آهي. جسقم اڳواڻن انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته سم نالي تي ڊيوٽي ڪندڙ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 13 ڄڻن کي فوري طور تي چئن مهينن جو پگهار جاري ڪري ڏنو وڃي. ۽ سندن گهرن مان به برسات جو پاڻي نيڪال ڪري سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي. جيڪڏهن اسان جو مطالبو پورو نه ڪيو ويو ته ٽن ڏينهن بعد ڪمشنر شهيد بينظير آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي آفيس آڏو ٻيهر احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو هنيو ويندو .
