ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف ڌرين جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ بخشاپور ۽ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو سنڌ ملاح  فورم ۽ سياسي سماجي مذهبي جماعتن پاران احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويو خبر موجب بخشاپورمان ڏيڍه مهينو اڳ اغوا ٿي ويل غلام رسول ميراڻي ۽ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل سنگار ملڪ جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ اڳيان سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي ايس يو پي، ايس ٽي پي، جي يو آءِ جماعت اسلامي، شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ شھرين جو گڏيل احتجاجي ڌرڻو لڳايو.ڌرڻي دوران اڳواڻن سنڌملاح فورم جي غلام مصطفي ميراڻي بشير احمد ميراڻي، ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏهاڻي شھنواز مرهيٽو، ايس ٽي پي جي جيوڻ سبزوئي،فريدجکراڻي،اي ڪي اوڳاهي، جي يو آءِ ابراهيم خاڪي جماعت اسلامي جي نصر الله چنا شيعاعلماءِ ڪائو نسل جي بشير حيدري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالائيندي چيو ته پوري ضعلي جي اندر بدامني جو راڪاس ڇايل آھي ۽ روز ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن. پر ضعلي جي پوليس آرامي آھي جيڪي به ٿاڻا آھن انهن جا ايس ايڇ اوز صرف ڪمائي گڏ ڪرڻ ۾ پورا آھن عوام جو جان ۽ مال غيرمحفوظ بڻيل آھي. ڌاڙيل ڏينهن ڏيٺي جو ماڻھو اغوا ڪن ٿا ۽ سري عام شھرين کان موٽرسائيڪلون ڦر ڪن ٿا رات جو روزاني چور زوري رات جو گهرن مان چوريون ڪن ٿا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي پوري ضعلي جي عوام ڌاڙيلن چورن اغوا ڪنڌڙن جي حوالي آھي ۽ پوليس به انهن جي اڳيان بيوس بڻل آ.ڌرڻي تي ويٺلن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل غلام رسول ميراڻي سينگار ملڪ سميت اغوا ٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ڌرڻي دوران ڊي ايس پي اصغر شاه احتجاج واري هنڌ پهچي ڪري اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت ورتي ۽ مغوين کي بازياب ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں