ڪي اين شاهه شهر انتظامي بي ڌياني سبب گندگي جي ورچڙهي ويو

خيرپور ناٿن شاهه(ن س)خيرپور ناٿن شاه ٽائون ڪاميٽي جي نااهلي سبب شھر جا مين روڊ رستا ۽ گهٽيون گندگيءَ جي ور چڙھي ويون، گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نہ ٿئي سگهيو، گندگيءَ سبب مختلف بيمارين ڪرُ کنيو آھي، عوام گندگيءَ ۾ زندگي گذارڻ لڳو، جڏھن تہ بدبوء جو آزار پڻ وڌي ويو آھي، ٽائون انتظاميہ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا سندن کان پُڇاڻو معاف ٿئي ويو. مدينه ڪالوني رحمته الله ڪالوني شهباز ڪالوني گوليمار ڪالوني شيخ محلاح سميت شهر جي 11 وارڊن ۾ گندگيءَ جا ڌير ٿي ويا سي ايم او منصف لاشاري آفيس مان لاپتا صفائي عملو غائب مدينه ڪالوني جي رهواسي وزير علي سراج علي محمد راشد علي اڪبر ۽ ٻين سچل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهر جي 2 ڪروڙ ماهوار  بجيٽ آهي  صفائي بلڪل ڪون ٿي ٿئي شهر جي 11 وارڊن ۾ گندگيءَ جا ڌير ٿي ويا آهن اسان  ڪافي ڀيرا ميونسپل ڪميٽي ويا آهيون پر آفيس خالي آهي روز اسان کي ڪوڙا آسرا ڏئي واپس موڪليو ٿو وڃي پر صفائي ڪرائڻ لاءِ سي ايم او تيار. ناهي جڏهن ته اسان مسلسل احتجاج ڪيا آهن ايترو ته بااثر آهي سي ايم او منصب لاشاري جو هن جي خلاف ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي اسان اعلي اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته جلد کان جلد نوٹیس وٺي سي ايم او منصف لاشاري خلاف ڪانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهر جي صفائي ڪرائي وڃي نت ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں