اوٻاوڙو ۾ چورين جو آزار وڌي ويو، پوليس تماشائي بڻيل

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ۾ چورين جو آزار گهٽجي ناهي سگهيو گذريل رات چور کنڀي تي رکيل ٽرانسفارمر لاهي قيمتي سامان ڪوئلون ۽ تيل ڪڍي ڦٽو ڪري ويا پوليس طرفان نيشنل هائي وي تي  گشت نه ڪرڻ بعد چوريون روز جو معمول بڻيل پوليس عوام کي ڪوڙي پريس رليز ڏيکار پنهنجا عيب لڪائڻ ۾ پوري ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هر رات چوريون معمول بڻجي ويون آھن پوليس ڪو به عملي قدم کڻڻ لاء تيار ناهي هنن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ٻين وس وارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں