تلهار (رپورٽ: علي رضا خواجه ) تلهار جي سماجي اڳواڻ زاهد حسين خواجه جي پٽ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نادر حسين خواجه جي ڀائٽي فدا حسين خواجه تي مُبينه حملو ڪري کيس رتورت ڪيو ويو آهي ان موقعي مُتاثر نوجوان فدا حسين خواجه ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ راجہ ممتاز خواجه جي پٽ فيضان خواجه جي گاڏي سان منهنجي گاڏي جي معمولي نوعيت جو ٽڪر ٿيو هو تنهن ڏينهن کانپوءِ مسلسل راجه ممتاز خواجه ۽ سندس ڀاءُ مسلسل مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا اڄ آئون ڪم سانگهي هڪ سيمنٽ جي دڪان تي ويس ته مون سان راجه ممتاز خواجه ۽ راجہ فهيم خواجه منھن ماري ڪئي آئون واپس پنهنجي گهر طرف آيس پئي ته گوپانگ ڪالوني وٽ جوابدار راجہ فهيم خواجه هڪ ٻُٽ ٻڌل شخص مون تي حملي ڪري ڏنو لتن ۽ مڪن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو ۽ مون کي رتورت ڪري فرار ٿي ويا آهن سماجي اڳواڻ زاهد حسين خواجه ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ويو آهي منهنجو پٽ حملي ۾ بيهوش ٿي ويو جنهن بعد جوابدارن هڪ ٻٽون انهي ۾ پيل اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ گاڏي ۾ پيل روڪ رقم 2 لک رپيه ڪڍي فرار ٿي ويا آهن ،هن وڌيڪ چيو ته جوابدار راجہ ممتاز خواجه نازيه ماڇي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار آهي مون کي خدشو آهي ته نازيه ماڇي وانگر منهنجي نوجوان ۽ اڪيلي پُٽ فدا علي خواجه کي راجہ ممتاز خواجه ۽ سندس ڀاءُ قتل نه ڪري ڇڏين اگر منهنجي پٽ کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار راجه ممتاز خواجه ۽ سندس ڀاءُ راجه فهيم خواجه هوندا ،واقعي جي تلھار ٿاڻي تي 3 جوابدارن تي اين سي داخل داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته پوليس پاران ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آندي,ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل فهيم خواجه ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن پهرين رات جو دير سان فدا علي خواجه نشي جي حالت ۾ منهنجي ڀائٽي فيضان خواجه کي گاڏي جو ٽڪر هنيو ۽ مارڪٽ پڻ ڪئي جنهن بعد اسان تلھار ٿاڻي تي فدا علي خواجه خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي هئي جيڪا رڪارڊ جو حصو آهي ۽ اسان اهڙي دانهن زاهد حسين خواجه کي پڻ ڏني هئي ،اڄ (ڪالھ ) اسان پنهنجي دڪان تي موجود هئاسين ته فدا علي خواجه بدتميزي ڪئي جنهن تي اسان کيس پڇاڻو ڪيو ته الٽو اسان سان وڙهڻ لڳو باقي ٻيا الزام غلط ۽ ڪوڙا آهن
