حيدرآباد ۾ ديا ڀيل جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي ۽ وومين ڊيموڪريٽ فرنٽ حيدراباد طرفان سنجهورو سانگهڙ ڀرسان بيدردي سان قتل ڪيل ديا ڀيل جي قتل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ عاليه بخشل ٿلهو, دريا خان چانڊيو, جئي پرڪاش, ڪومل سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ديا ڀيل جو قتل انسانيت جو قتل آهي هنن چيو ته ديا ڀيل جهڙو واقعو ڪنهن انصاف ڀريي سماج ۾ ٿئي ها ته هيئر تائين شايد پورو سماج لڏي چڪو هجي ها. پر هتي مقامي ايس ايڇ او کان وٺي ملڪ جي اعلي ايوانن تائين ڪنهن جي مٿي تي ڪا جون به ناهي چري جيڪا وڏي بيحسي ۽ نااهلي جي انتها آهي. هنن چيو ته ديا ڀيل جو واقعو نئون ناهي هن سال آگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الله رکيو سولنگي ۾ ريحانا سولنگي پنهنجي مڙس هٿان بيدردي سان قتل ڪئي وئي پر کيس انصاف نه مليو. هنن مطالبو ڪيو ته ديا ڀيل جي قتل جي فوري طور ايف آءِ آر ڪٽي دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں