نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي وفد مرڪزي باڊي جي ڪيل فيصلي تحت سنڌ جي علمي، ادبي ادارن جي خيرسگالي دوري جي موقعي تي سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا سان ملاقات ڪري ڪيترن ئي مسئلن تي کليل دل سان ڳالھ ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي، لوگي، مهراڻ، گل ڦل، سرتيون رسالن بابت پنهنجي راءِ رکي ته بورڊ انتظاميا کي انهن کي وڌيڪ بهتر ڪندي جديد ترقي پسند ادب کي ڇپرائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي ۽ ٽراسليشن بيورو قائم ڪري سنڌي مان ٻين ٻولين ۽ ٻين ٻولين جو ادب سنڌي ۾ ترجمو ٿي سگهي.سنڌي ادبي سنگت جي وفد اها به تجويز ڏني ته هر ضلعي جي مرڪز ۾ بوڪ اسٽال ۽ لائبريريون قائم ڪيون وڃن ۽ اتي ڪتابي ميلا لڳائي ڇپيل ڪتابن کي ڪٻٽن مان ڪڍي پڙهندڙن جي رسائي آسان ڪئي وڃي.جڏهن ته ڪتابي ميلن جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت بورڊ انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.سنگت وفد اها به راءِ ڏني ته بورڊ وٽ گذريل ڪيتري عرصي کان جن اديبن جا مسودا پيل آهن انهن تي به اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ۽ ادبي بورڊ پاران ڇپايل سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا اهم ڪتاب هينئر اڻلڀ آهن اهي ٻيهر ڇپائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل سان گڏ ٻيا مرڪزي عهديدار شبير سيال،مظهر خاصخيلي ۽ سنڌ سنگت پاران جوڙيل ڪلچرل ڪميٽي جي اڳواڻن يوسف سنڌي ۽ ۽ آغا ظفر ادبي بورڊ جا شعبا پڻ گهمي ڏٺا. ملاقات ۾ ادبي بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا ۽ ٻيا شامل رهيا. ٻئي طرف سنگت جي ساڳئي وفد سنڌالاجي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر مرتضي سيال سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪندي نه صرف تاريخي اداري بابت ڄاڻ ورتي پر ساڻن پڻ اداري جي بهتري لاءِ پنهنجا رايا رکيا ۽ وفد محسوس ڪيو ته جتي سنڌالاجي انتظاميا هينئر بهتري ڏانهن وک کڻي رهي آهي اتي مالي معاملن سبب ڪيترائي ڪم رڪيل آهن. سنگت جي وفد سنڌالاجي انتظاميا کي ڀرپور اخلاقي سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته سنڌ سنگت ادارن جي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران پنهنجو سهڪاري رويو به جاري رکندي ۽ ادارن جي بهتري لاءِ انهن تي اسٽيڪ هولڊر طور نظر پڻ رکندي ايندي.واضح رهي ته ان سلسلي ۾ جلد ٻين ادارن جي انتظاميا سان پڻ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو.
