سنڌ جي ڪنهن  به جيل ۾ ڪو به افغاني ٻار قيد نه آهي، سوشل ميڊيا تي تصوير غلط آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، مڪيش ڪمار ۽ جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي چيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن  به جيل ۾ ڪو به افغاني ٻار قيد نه آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير لانڍي جيل جي نه آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ 129 افغان عورتون قيد آهن، انهن عورتن سان سندن 178 ٻار به موجود آهن، انهن ٻارن کي قيدي نه ٿو چئي سگهجي. هنن چيو ته جيلن ۾ قيد افغان عورتون غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل هيون، غير قانوني طور ملڪ ۾ ترسيل افغانين سميت سمورن پرڏيهي کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. اعجاز جکراڻي چيو ته سنڌ جي جيلن جي حالت بهتر آهي، قيدين کي کاڌي پيتي سميت سموريون سهولتون مليل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں