سڪرنڊ ۾ ميٽرو حبيب بئنڪ جي برانچ کولي وئي

سڪرنڊ(ن س)سڪرنڊ ۾ ميٽرو حبيب بئنڪ جي برانچ کولي وئي. جنهن جو افتتاح سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه پاران ربن ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد زين شاه چيو ته بئنڪون عوام جي معاشي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ قرض ڏيڻ، ڪاروبار ۽ انهن جي موڙيءَ  کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اسين سمجهون ٿا ته ان حوالي سان ميٽرو حبيب بئنڪ جي برانچ پڻ سڪرنڊ جي عوام کي سهولتون مهيا ڪندي. ان موقعي تي ايس يو پي تعلقي صدر شھمير جمالي، سٽي صدر قاسم سومرو، سيٺ ھارون خانزادو، توفيق خانزادو ۽ روشن راھو پڻ موجود ھئا. ان کان اڳ ميٽرو حبيب بئنڪ جي مينيجر  غلام مرتضٰي بروھي سيد زين شاھ کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں