ڪراچي (پ ر) سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران سنڌ جي عظيم قومي ۽ بين الاقوامي شاعر، مفڪر ۽ سوشل سائنٽسٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر مومل راڻو“ تي سورھين فڪري ويھڪ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي ۽ امين جويي جي ميزبانيءَ ۾ڪئي وئي. جنھن ۾ آرٽيفشل انجينيئرنگ ۽ ڪمپيوٽنگ لنگئسٽ ڊاڪٽر مظھر ڏوتيي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري اظھر ٻانڀڻ، نامياري وڪيل ۽ لطيف جي ڄاڻو تنوير ابڙي، زيبسٽ مئينيجمينٽ سائنس جي استاد ڊاڪٽر ڪامران سومري، ايم ايس پي ايڇ زيبسٽ جي شاگرد ڊاڪٽر سناگر جاگيراڻي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ شاھ سائينءَ جي سُر مومل تي ڳالھائيندي چيو تہ، ”سُر مومل راڻو“ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات جو معراج آھي، راڻو نج سنڌي راڳ آھي، ھن سُر ۾ لطيف سائين آزاد سنڌي سماج جي ترجماني ڪئي آھي، جنھن ۾ عورت پنھنجي محبوب ۽ ور جي چونڊ پاڻ ڪري سگھي ٿي ۽ ان سان گڏ ھن سُر ۾ عورت جي سونھن، ھار سينگار سان گڏ عشق جي انتھا پڻ ڏيکاريل آھي. ھن سُر ۾ شروعات ۾ مومل طلسماتي ٽڪساٽن ذريعي ڪيترن ئي شھزادن، بادشاھن ۽ امير ماڻھن کي فقير بڻائي ڏيو پر راڻي جي عقلمندي، ڏاھپ ۽ سونھن تي ھوءَ مٿس فدا ٿي پوي ٿي، ۽ کيس عشق اھڙي چوٽ لڳيس ٿي جو آخر ۾ راڻي جي رُسڻ کانپوءِ کيس پرچائڻ جا جتن ڪري ٿي ۽ جڏھن انھن ۾ ڪامياب نہ ٿي ٿئي تہ پوءِ پاڻ ڏاگھ تي چڙھي ٿي وڃي. ھن سُر جا مُک ڪردار مومل، راڻو مينڌرو، سومل، ناتر آھن، جڏھن تہ ان کان علاوہ ٻيا بہ ڪردار آھن، جن ۾ ھمير سومرو، سينھڙو ڌماچاڻي، ڏنور ڀٽي، شھزادو فقير، نند بادشاھ وغيرہ.“
