قاضي احمد(ن س)ناصري ٿاڻي جي حد ۾ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني چورن ڦرن خلاف مقامي رھواسين ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ڌرڻوھڻيو ويو وڌندڙ بدامني ۽ سندن ساٿاري ٿاڻي تي مقرر مقامي پوليس اھلڪارن خلاف سخت بعري بازي ڪئي وئي جي آزار وڌي ويو ان موقعي تي مظاھرين عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ سيد ڪرم علي شاھ سيد نياز حسين شاھ شرف الدين سنڌي علي حسن لاکو مجاھد علي شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سبب اسان اڳ معاشي طور سخت متاثر ٿي ويا آھيون ٻيو ته اسان جي علائقن ۾ چوريون ڦريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ڪڏھن ڪنويٽر ڪڏھن ٻڪري ڪڏهن موٽرسائيڪل ڪڏهن سمر موٽر پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿي ڪري اسان ڀاڳين راتين جو جاڳي پوليس کي ھڪ چورن سجاد ڪونڊائي مري پڪڙي ڏنو آهي ناصري ٿاڻي جو ايس ايڇ او چور کي تڪ جي بااثر ايم اين اي جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو ۽ ڀاڳين کي چئي ٿو ته اوھان ڪوڙا آھيو جيڪو اوھان ماڻهو پڪڙيو آهي اھو چور ناھي خاص ڪري جيڪي مقامي پوليس اھلڪار ٿاڻي تي مقرر آهن اھي ڏوھارين جي پاسداري ڪن ٿا ۽ جيڪو ايس ايڇ او ٿاڻي تي مقرر ٿئي ٿو اھو جي ڊڪٽيشن تي ھلي ٿو ھنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀاڳين جو چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چور گرفتار ڪري علائقي ۾ امن ڪرايو وڃي جيئن شهري سڪون جي ننڊ سمهي سگهن ٻي صورت ۾ ٻن ڏينھن اندر چوريون واپس نه ٿيون چور گرفتار نه ٿيا ته سڪرنڊ ۾ ڌرڻو ھڻيو ويندو
