اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا. عسڪري اختيارين طرفان ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب ڪميٽي کي قومي ايڪشن پلان جي سڀني نڪتن تي عمل يقيني بڻائڻ، مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائڻ لاءِ نيڪٽا جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازن حملن تي بريفنگ ڏني وئي، انٽيليجنس ادارن جي بريفنگ جي روشني ۾ قومي سلامتي ڪميٽي اهم فيصلن جي منظوري ڏني. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڏکيائين سان حاصل ڪيل امن ڪنهن کي خراب ڪرڻ نه ڏينداسين. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ڀرپور عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، ملڪي سلامتي چئلينج ڪندڙن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. هن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن بحال ڪرايو ويندو.
