لاڙڪاڻو(رپورٽ: اڪبر آزاد ھيسباڻي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪجهه مهينا اڳ امن امان جي صورتحال خراب هئي ان جا ڪهڙا به ڪارڻ هجن پر امن امان جو واقعي مسئلو هو. هن چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس لاءِ اهم آهي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي ترجيع آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي جن اسان جي ڀرپور مدد ڪري وسيلا به فراهم ڪيا آهن ان لاءِ اسان بهترين ٽيم جوڙي ۽ مون ذاتي طور ان جي نگراني به ڪئي. هن چيو ته امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سرگرم ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ ڪاروائي ڪرڻ لازمي آهي ۽ پوري فورس کي متحرڪ ڪرڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪافي سالن کان ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث 30 گروهن کي سوگهو ڪري ٻن بدنام ڏوهارين کي مختلف پوليس مقابلن ۾ ماريو ويو، 25 ڏوهارين کي پوليس مقابلن ۾ زخمي ڪيو ويو ۽ ضلعي اندر مختلف ڏوهن ۾ ملوث ڪيترن ئي روپوش ڏوهارين کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رتوديرو ۾ پيش آيل واقعن بابت ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن جيڪي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ پوليس ضلعي اندر قتل توڙي ٻين ڪيترن ئي وارداتن کي ٽريس به ڪيو آهي جڏهن ته ضلعي مان 100 سيڪڙو برآمدگي ناهي ٿي پر ڪافي شيون برآمد ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ميڊيا ڏوهارين ۽ ڏوهاري سرگرمين جي نشاندهي ڪري اسين سخت ڪارروائي ڪنداسين ان سان عوام ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو.
