نوابشاهه ۾ صحافي جي سالي جي قتل خلاف مختلف ڌرين جو احتجاجي مظاهرو

نوابشاھ(ڊ ر) ٽي ڏينھن اڳ ڪراچي جي علائقي جوھر موڙ وٽ پوليس بيدردي سان بيگناهه شهري ۽ نوابشاهه جي نوجوان صحافي طالب حسين رند جو سالو عامر بلوچ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو اهڙي پوليس گردي خلاف نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان صحافين ۽ سياسي سماجي شخصيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي سينئر صحافين اسماعيل ڊومڪي، فياض چند ڪليري ڪامريڊ علي جان رند، موسيٰ رضا، امتياز ڪيريو، طالب حسين رند وحيد کوسو، شعبان خاصخيلي، امين تنيو، شيعه علماءِ ڪائونسل جو ڊويزنل صدر محمد حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي پوليس ظلم جي انتھا ڪئي آھي بيگناھ شھري عامر بلوچ کي بنا ڪنهن جاچ، ڏوهه جي گهر ويندي سرعام گولين جو بک بڻائي قتل ڪيو آھي هنن چيو ته عامر بلوچ 14 مھينا اڳ شادي ڪئي ھئي جنھن کي سندس ھڪ مھيني جو معصوم پٽ آھي هنن چيو ته حد جي ايس پي پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته پوليس اهلڪارن غلطي سان عامر بلوچ کي قتل ڪيو آهي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف جسٽسز کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي پوليس جي اهڙي پوليس گردي جو فوري نوٽيس وٺي بيگناهه شهري عامر بلوچ کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلائي انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو به معصوم ۽ بيگناهه شهري عامر بلوچ وانگر پوليس گردي جو کاڄ نه بڻجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں