هنڱورجا ۾ تپيدار جي ناانصافين خلاف آبادگارن ۽ شهرين جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

هنڱورجا(ن س) ھنڱورجا ۾ آبادگارن ۽ صحافين جي پاران  ديھ پير مشائخ جي تپيدار جي ناانصافين خلاف محمد صديق سولنگي.مرتضي سھتو. حاڪم سھتو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻوھنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ديھ پير مشائخ جي تپيدار غلام حيدر ڪيريو ۽ سپر وائيزر پريل دايو پاران آبادگار ۽ صحافي محمد صديق سولنگي. سميت ڪيترن ئي آبادگارن جا ڪڻڪ جي ٻج وارا فارم ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري سنڌ حڪومت پاران آبادگان کي ڪڻڪ وارو ٻج ڏيڻ واري پاليسي جي خلاف تپيدار ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن فارم رد ڪرڻ جي سبب پڇڻ تي صحافي محمد صديق سولنگي سان تپيدار نه رڳو فارم ڀرڻ کان انڪار ڪيو پر بد اخلاقي ڪئي وئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي اھڙي ناانصافي جي خلاف اڄ شھري صحافي ۽ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آھن ھنن چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏهن تپيدار ۽ سر وائيزر کي نہ ھٽايو ويو تہ 5 جنوري تي احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري تحريڪ شروع ڪئي ويندي ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه. صوبائي وزير روينيو. ڪمشنر سکر.ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي تپيدار غلام حيدر ڪيريو.سپر وائيزر محمد پريل دايو کي فوري طور تي ھٽائي صحافين ء آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني کي دور ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں