هڪ چٺي تعلقي صوبوديرو جي باشعور نوجوان قيادت جي نالي

شبانا ناز شيخ سوشل ورڪر
تعلقو صوبوديرو، تعلقي هوندي به مڪمل تباھ لڳو پيو آھي اسان جي تعلقي ۾ ناڪارا سسٽم هٿ سان پيدا ڪيو ويو آھي روينيو مڪمل ناڪاره آھي غريب جيڪڏهن ويسي جو کاتو به ٺھرائي ٿو ته ٻيڻي رقم ڏيڻي پوندي، توڙي جو آفيسر طبقو موجود هوندي به مهانگائي تي بلڪل ڪنٽرول ناهي غريب اٽو وٺي يا احتجاج ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي تعلقي صوبوديرو جو صحت کاتو هٿ سان تباه و برباد ڪيو ويو آھي تعلقي صوبوديرو جي ڪروڙن جي بجيٽ آھي مگر پوء به ڪائي سهولت ناهي تلعقي جي اسپتال آھي پوء به هن ۾ آڪسيجن جي به سهولت موجود ناهي جو هڪ غريب جو معصوم پٽ تڙپي تڙي مري ويو ليڪن هن جي ڪائي واهر نه ڪئي وئي اسان ڊي ايڇ او خيرپور کان هڪڙو سوال ڪيون ٿا ته جيڪڏهن اسپتال ۾ هر شي جي کوٽ آھي ته تعلقي جي هن اسپتال جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪاٿي خرچ ٿئي ٿي..؟ خدارا انسانيت جي خاطر انسانن کي بچايو وڏن پيٽن وارن جي بک ڪڏهن به پوري نه ٿيندي ايمانداري سان ڪم ڪري تعلقي جي اسپتال کي بهتر بڻايو هتڙي اسان جي تعلقي ۾ هڪ کان هڪ ڪرپٽ ماڻھون نافذ ٿيل آھن ۽ ناڪارا سسٽم هٿ سان پيدا ڪيو ويو آھي ۽ جيڪڌهن ڪو حق سچ ڳالهائي ٿو ته انهن ڪرپٽ آفيسرن جا رکيل ايجنٽ انهن جو دفاع ڪن ٿا ۽ پنهنجي تعلقي جي بهتري لاء ڪڏهن به اڳڀرا ناهن ٿيندا اچو ته شعور جي جوت جلايون ۽ هڪ آواز ٿي پنهنجي تعلقي صوبوديرو جا حق وصول ڪيون نت اڳ جيان ناڪاره مٽيريل ۽ ناڪاره سسٽم اسان جي تعلقي جو مقدر بڻجي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں