ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين:ڪامران ٽسوري

سيوھڻ شريف (ن س)گورنر سندھ محمد ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن ۾ سنڌ حڪومت 80ارب روپيا خرچ ڪري چڪي آهي ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ تمام گهڻي محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي ٽيم به تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته اسان عوامي نمائندا آهيون ۽ عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين جتي به ڪا ڪوتاهي نظر اچي ٿي ته اتي ڪارروائي ڪئي ويندي اهڙن خيالن جو اظهار گورنر سندھ اڄ  سيوهڻ پهچي حضرت لعل شهباز قلندر شهباز جي مزار تي فاتح ڪئي ۽ چادر چاڙهي ان موقعي تي گورنر سنڌ ميڊيا جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته گورنر جو ڪهڙو اختيار آهي اهو ته ڪڏهن به ڪون پڇيو آهي رهيو سول ادارن جو اهي پنهنجي حد م رهي ڪري ڪم ڪن ٿا ۽ مون وٽ سمورا گهربل اختيار آهن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي ان جي گھرن ٺهرائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي سيلاني ٽرسٽ جي چيئرمين بشير فاروقي ڪافي گهر تعمير ڪرايا آهن ۽ متاثرن کي چوپايو مال به ڏنو ويندو ۽ ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو ڪون ڇڏبو انهن متاثرن کي هر گهربل سهولتون فراهم ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته سنڌ امن  محبت ڪرڻ جي ڌرتي آهي تمام قومن جي ماڻهن کي سنڌ اندر تحفظ   ڏنو ٿو وڃي  اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ترقي ڪري ۽ سنڌ ۾ بهتري اچي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں