ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ ھر سال جيان ھن سال به اڏيرو لعل ويلفيئر پاران مقامي شادي ھال ۾ 250 جوڙن جي اجتماعي شادي جو پروگرام ٿي گذريو جن ۾ 100 سو مسلمان جوڙا . 100 ھندو جوڙا ۽ 50 ڪرسچين جوڙا شامل ھئا مسلمان جوڙن جا نڪاح پڙھايا . ھندو جوڙن لاء منڊپ سجايو ويو جتي ھندو جوڙن ڦيرا پاتا جڏھن ته ڪرسچين جوڙن کي سندن مذھبي رسم رواج تحت رسمون ادا ڪيون ويون پروگرام ۾ مسلمان جوڙن کي قرآن شريف . ھندو جوڙن کي ڀاڳونت گيتا ۽ ڪرسچين جوڙن کي بائبل مقدس ڪتاب تحفي طور ڏنا ويا ۽ سمورن جوڙن کي ڏاج ڏنو ويو پرگرام ۾ آيل سڀني جوڙن جو دھلن شرنائين سان استقبال ڪيو ويو ھر جوڙي سان گڏ 50 . 50 ڄاڃين شرڪت ڪئي سمورن مھمانن لاء ماني جو پڻ بندوبست ٿيل ھو تقريب ۾ آيل مھمانن کي لونگين . اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ کين شيلڊون پيش ڪيون ويون صوبائي وزير اقليتي امور گيانچند ايسراڻي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊي آدم شھر اندر مذهبي روادري کي قائم رکندي اڏيرو لال ويلفيئر پاران 250 غريب مستحق جوڙن جون شاديون ڪرائي اهڙي زبردست تقريب منعقد ڪرائڻ تي بابا راجڪمار ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔ هن چيو ته پ پ ھميشه غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي بنا ڪنھن فرق جي خدمت ڪئي آھي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري . ڪو چيئرمين آصف علي زرداري هر وقت ملڪ اندر رهندڙ اقليتي برادري جي خوشين ۽ غمين ۾ گڏ رھيا آھن هن وڌيڪ چيو ته سنجهورو واقعو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، واقعي ۾ ملوث بي رحم ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو . اڏيرو لال ويلفيئر ٽنڊو آدم جي چيئرمين بابا راجڪمار چيو ته اسان هر سال غريب مستحق جوڙن جي اجتماعي شادين جو پروگرام منعقد ڪندا آهيون جنهن ۾ هندو، مسلمان ۽ عيسائي جوڙا شامل ٿيندا آهن جن جون پنهنجي پنهنجي عقيدي ۽ مذهب جي حوالي سان رسمون ادا ڪيون وينديون آهن هي انسانيت سان محبت ڪرڻ جو عالمي پيغام آهي جنهن سان پيدا ٿيل نفرتون ختم ٿين ٿيون محبتن جون منزلون حاصل ٿين ٿيون . پروگرام ۾ مکي راجيش ڪمار . سنجي ڪمار مامناڻي . ليلارام پريمي . سکديو عرف گڊو سوٽھڙ . دليپ ڪمار ڪلارڪ . راج اسناني . نارائڻ داس سوني . گلاب راء . ٽيڪم داس . وڪي ڪمار ڀنڀاڻي . حاجي ذيشان شيخ ۽ مھراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي جي عاشق ساند . پروفيسر ياد شيخ سميت پوري ٽيم رضاڪاراڻا طور خدمتون سرانجام ڏنيون تقريب ۾ اھم سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر جسو مل ليماڻي . ھريش ڪمار ويڌاڻي . ھندو ڪائونسل جي چيئرمين ديوان سورج ڪوھستاني . مھيش ڪمار جيراماڻي . غياث الدين جوڻيجو . چاچا غلام مرتظي’ جوڻيجو . ڊاڪٽر قمبر علي مري . رئيس عامر مزار خان مري . چوڌري محمد اشرف آرائين . ايڊوڪيٽ عبدالله خٽڪ سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي .
