چوهڙ جمالي ۾ پوليو ورڪرن جو رليف فنڊ نه ملڻ خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي(ن س)شاهبندر ۽ کارو ڇاڻ تعلقي جي يوسيز جان محمد جت ۽ دولتپور جي پوليو ورڪرن پاران برسات رليف فنڊ نه ملڻ خلاف غلام مصطفي لوهار عالم شير جت احمد ڌانڌل جي اڳواڻي ۾ چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي  آحتجاج ڪندڙن چيو ته شاهبندر تعلقي جي ٻين يوسيز جي پوليو ورڪرن کي برسات رليف فنڊ جي 25 هزار روپين جا چيڪ ڏنا ويا آھن پر اسان جي يوسيز جان محمد جت ۽ دولتپور جي پوليو ورڪرن کي اڃان تائين برسات رليف فنڊ نه مليو آھي جيڪا اسان سان زيادتي آھي هنن ڊي سي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي برسات رليف فنڊ ڏيئي بيچيني ختم ڪئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں