انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ثقافت ئي ڪري سگهي ٿي:اديب / شاعر

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ثقافت ئي ڪري سگهي ٿي، راڳ رنگ ۽ ثقافتي ڪچريون رجعت پسندي ۽ انتهاپسندي کي اڳتي وڌڻ کان روڪين ٿيون، سماج اندر عدم برداشت ۽ سهپ جي کوٽ جي نتيجي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا پيش اچن ٿا، سهپ ۽ رواداري جي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ پنهنجي اصل ثقافتي طور طريقن ڏانهن موٽي اچي، مچ ڪچريون ۽ ساز سمورن ماڻهن کي پاڻ ۾ گڏائڻ جو بهترين طريقو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه قاسم آباد ۾ سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن(ايس ايف او) پاران منعقد ڪرايل مچ ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو، مچ ڪچهري ۾ وڏي انگ ۾ ساڃاهه وند ڌرين شرڪت ڪئي ۽ ثقافتي مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪئي، سگهڙن سگهڙائپ جون مختلف صنفون بيان ڪيون ۽ راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي ناليواري اديب قاضي خادم، ايس ايف او جي چيئرمين شفيع محمد چانڊيو، پروفيسر ڪي ڊي پرهيار، ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي، ناليواري شاعر عاشق سولنگي، عاشق چانڊيو، نذيرقريشي، لطيف ملاح، حوت خان گاڏهي، مصطفيٰ بلوچ، ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو، ڄام نظام الدين ڀاڳت، اي ڊي سمون، اياز مغل، امتياز ڪوري، فريد لاشاري، سينيئر صحافي عبداش پنهور، اقبال پنهور، اسرار لغاري، رفيق عيساڻي، غلام اصغر ميمڻ، عاشق هالائي، نذير ميمڻ، حفيظ ميمڻ، غلام نبي سومرو، وزير ميمڻ، ايوب جوڻيجو، سليمان ڏاهري، فدا چانڊيو، فدا سنجراڻي، شبير سيال، ڊاڪٽر آغا مزمل، مير غلام محمد ٽالپر، جاويد سومرو، وڏيرو عمران ملاح، نصرت چنا، ايس ٽي پي ناري تحريڪ جي اڳواڻ حاڪمزادي ٿيٻو، وڏيرو شوڪت ملاح، سليمان لاشاري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته مچ ڪچهريون سنڌي ثقافت جو رنگ آهن، اڳ سياري جي موسم ۾ باهه جي مچ تي ويهي ڪچهريون ڪرڻ معمول بڻيل رهندو هو، پر هاڻ اهو سلسلو گهٽجي ويو آهي، قرب واريون ڪچهريون ماڻهن ۾ ويڇا گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هنن چيو ته ثقافتي رنگ ترقي، امن ۽ سلامتي جي نشاني آهن، انتهاپسند ذهن ثقافتن کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا، ڇو ته ثقافت هنن جي اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهي. مچ ڪچهري ۾ نامياري سگهڙ قاضي بدر ۽ ٻين سگهڙائپ جون صنفون بيان ڪيون، جڏهن ته ناليوارن راڳين راول فقير، سانوڻ فقير، ماسٽر امين لاشاري، نذير يوسف چانڊيو، ممتاز ملاح، فقير جاويد ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں