حيدرآباد پريس ڪلب جون چونڊون،عهديدار چونڊيا ويا

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب جي سال2023 لاءِ چونڊون، ڊيموڪريٽڪ جرنلسٽس ۽ عقيل ابراهيم گروپ جي گڏيل پينل جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب، لالا رحمان سمون صدر ۽ حميد الرحمان جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 2023 لاءِ چونڊون اليڪشن ڪميٽي جي چئيرمين مرتضي سيال، ميمبرن احمد جعفري ۽ اي ڊي ملاح جي نگراني ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيون، اليڪشن ڪميٽي طرفان جاري ڪيل حتمي نتيجن مطابق ڊيموڪريٽڪ جرنلسٽس ۽ عقيل ابراهيم گروپ جي گڏيل پينل جي صدارتي اميدوار لالا رحمان سمون 88 ووٽ کڻي صدر، ساجد خانزاده 80 ووٽ کڻي نائب صدر، حمیدالرحمان 88 ووٽ حاصل ڪري جنرل سيڪريٽري، سردار احمد شيخ 83 ووٽ کڻي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ فهيم ٻٻر 80 ووٽ حاصل ڪري خزانچي جي عهدي تي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته ميمبر گورننگ باڊي جي 10عهدن تي علي حسن 85 ووٽ، خالد کوکر 81 ووٽ، جئه پرڪاش موراڻي 82 ووٽ، اقبال ملاح 87 ووٽ، فاضل چنا 82 ووٽ، ارشاد چنا 79 ووٽ، الطاف ڪوٽي 86 ووٽ، حسين خان 86 ووٽ، هارون آرائين 82 ووٽ ۽ ايسوسيئيٽ تي ڪاشف خان 23 ووٽ کڻي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں