ڄامشورو (ڊ ر) سال 2022 ع جي آخري ڏينهن جي سج کي سڄي دنيا ۽ سنڌ جيان ڄامشوري مان سنڌودرياهه جي ڪنڌيءَ تان الوداع ڪيو ويو، سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اديبن، دانشورن، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ المنظر وٽ پهچي ڪوٽڙي بئراج پل جي لهندي پاسي سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي گڏ ٿيا جتي ذوالفقار قادري، علي حسن ملاح، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد هيسباڻي، پنهل ساريو، عبدالرزاق عمراڻي، طارق باجاري، سورهيه سنڌي، اسماعيل باريجو، ربنواز ابڙو، مرتضي نائچ، فنڪارن منظورر چانڊيو، منظور دانش، عبدالرؤف راهمون، حاڪم چانڊيو، فهد جانوري، شعيب چانڊيو، لاهوتي آمڙو وحيد قريشي سوڌو سوين ماڻهن جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ موجود هئا، سنڌو درياهه ۾ گلاب جا گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ميڻ بتيون ٻاري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي, جڏهن ته قومي ڪارڪنن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گلاب جي گلن سان سنڌو جو خوبصورت نقشو تيار ڪري ان مٿان قومي گيت پيش ڪري سنڌ کي سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي گذريل سال دوران سنڌ جي شخصيتن جي وڇوڙي، ٻوڏ ئ برسات سوڌو روڊ حادثن وارن خوني واقعن تي غم۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي خوشحالي، قوم جي سلامتي، ترقي، امن، پيار جي بحالي، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اجتماعي دعا گهر وئي. ان موققي تي شريڪ ماڻهن ۽ قومي ڪارڪن شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جا بيت ۽ وايون پيش ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.
