لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم اين اي محمد اياز سومرو جي 64 هين سالگرهه جي موقعي تي محمد اياز سومرو فائونڊيشن طرفان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ محمد اياز سومري جي ڀاءُ ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي نارڪوٽڪس ايڊووڪيٽ رياض احمد سومرو، ناليوارن وڪيلن غلام دستگير شاهاڻي، عاشق علي ڌامراهه، اڪبر علي ڏهر، رفيق احمد ابڙو، ظفرالله سومرو، ڪلپنا ديوي، توقير فاطمه ڀٽو، عبدالستار ساريو، محمد اسماعيل چانڊيو، قدير پيارل ڊومڪي، ذوالفقار علي ميمڻ، محمد شريف لاشاري، سراج احمد سومرو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن گڏجي محمد اياز سومري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي سندس بلند درجات لاءِ دعا پڻ گهري. تقريب کي خطاب ڪندي وڪيلن چيو ته محمد اياز سومرو جو هن بار ۽ لاڙڪاڻي جي وڪيلن جي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.
