نوابشاهه(ڊ ر) سماجي تنظيم ھاري ويلفيئر ايسوسي ايشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، ھارين صابر حسين ڇٽو، حسين بخش ڇٽو، سماجي اڳواڻ آصف البشير، محسن جلباڻي، ياسين خاصخيلي، شھزاد خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ نواب شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جي نااهلي جي ڪري تازو برساتن ۾ هارين ۽ پورهيتن جا گھر ڊهي پٽ ٿيا آهن ۽ انهن جو چوپايو مال لکن جي تعداد ۾ مري چُڪو آهي، ھارين آبادگارن جا فصل تباهه ٿي ويا، جڏهن ته سنڌ حڪومت برساتن دوران هارين ۽ مزدورن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ھن چيو ته سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ويهه لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا جن سڀ کان وڏو انگ هارين ۽ مزدورن جو آهي، پر حڪومت انهن جي ڪابه مدد نٿي ڪري، ھن چيو ته سنڌ ۾ لکين هاري اهڙا آهن جن پنهنجي زمين نه آهي، جڏهن ته انهن وٽ ايتر به زمين نه آهي جو پنهنجو گهر پنهنجي زمين تي ٺاهي سگهن، ھن چيو ته سنڌ ۾ جبري پورهئي کي روڪڻ لاءِ سنڌ بانڊيڊ ليبر ابالشن ايڪٽ 2015 ۾ جوڙيو ويو جنهن کي 7 سال گذري چُڪا آهن پر هن وقت تائين ان قانون تحت سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ وجيلنس ڪاميٽيون نه ٺهي سگهيون آهن، ھن چيو ته سنڌ ۾ جبري پورهئي جي صورتحال تيزي سان وڌي رهي آهي سال 2013 کان سال 2021 تائين سنڌ ۾ ڪورٽ جي حُڪمن تحت 10 هزار 1 سو نوي هاري ۽ مزدور زميندارن ۽ بٺي ماڪن وٽان آزاد ڪرايا ويا جن ۾ 3444 عورتون شامل آهن، ھن چيو ته سنڌ ۾ هارين سان ناانصافين جو تسلسل صدين کان هلندو پيو اچي، هارين کي هر دور ۾ غربت ۽ بدحالي واري صورتحال ۾ ڌڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام هجڻ ڪري هاري انساني بنيادي حقن کان محروم آهي، هارين کي پنهنجي قانوني حقن کان پڻ محروم رکيو ويو آهي، هارين جي ننگن جا فيصلا به هتان جو جاگيردار ڪري ٿو، ھن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت هارين جي بحالي لاءِ هارين کي چوپايومال ۾ مدد فراهم ڪري، هارين جي تباه ٿيل گهرن جي اڏاوت ڪري انهن کي ان گهر جي زمين جا مالڪاڻا حق پڻ مهيا ڪري. ۽ جبري پورهئي روڪٿام لاءِ جوڙيل قانون تي فوري عمل ڪرائي سنڌ ۾ جبري پورهئي جو خاتمو آندو وڃي.
