ڄامشورو ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ٽائون ايڊمنسٽريٽر خلاف احتجاجي ريلي،ڌرڻو

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي/ ايس يوپي تعلقي ڄامشورو جي سڏ تي سوين شھرين شھر ۾ گندگي بنيادي مسئلن جي حل ۽ ڄامشوروٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر  اصغر ڀنڊ طرفان شھر ۾ من پسند صفائي ۽ حڪمران ڌر پ پ جي بيٺل اميدوارن کي صفائي عملو ڏيڻ مڇر اسپري نـ ٿيڻ ڪتامار مھم نـ ٿيڻ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاء سوين شھرين شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان پل ھيٺان ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ساگر جمن بڙدي ـ پير بخش سھارڻ ـ ممتاز راھوجو ـ حافظ بخشل سھڙو ـ جاويد شورو ـ فاروق ٻٻر ـ قادربخش ڀلائي غلام نبي بڙدي سيد اصغر شاھ ايس ٽي پي اڳواڻ مبين تيوڻو حاجي واحد بخش ڀلائي ڪامريڊ جوشيلو سنڌي  فقير حق نواز برھماڻي دوڪاندار اڳواڻ مرتظي! نائيچ ربڏنو ابڙو ديدار چانڊيو گلبار کوکر راجا صديق آمڙو صغير ڪانڌڙو صوفي رفيق تيوڻو محسن ڀلائي  حبيب االله آمڙو ۽  ٻين خطاب ڪندي چيو تـ پ پ ھن بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي شروعات ڪندي پنھنجي ونگاري من پسند آفيسر ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ايڊمسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي معرفت صفائي سٿرائي نالين جي مرمت ناليون ٺھرائي ڏيڻ جي لالچ ڏئي ووٽ گھري رھيا آھن ۽ پنھنجي پارٽي پ پ اميدوارن کي صفائي عملو ڏئي انھن معرفت من پسند علائقن ۾  صفائي ڪئي پئي وڃي اھا ھڪ ڌانڌلي آھي ان خلاف قدم  کنيو وڃي ھنن چيو ڄامشورو شھر کنڊر بڻيل آھي جيڪڏھن ٿوري صفائي ڪئي وڃي ٿي تـ اھا صرف پنھنجي من پسند اميدوارن معرفت ڪرائي پئي وڃي  برساتن کي گذري پنج مھينا ٿي ويا آھن پر افسوس اڃا تائين گھرن گھٽين ۽ روڊ رستن تي برساتي  پاڻي بيٺل آھي جنھن سبب ھتان جا شھري تنگ ٿي ويا آھن  ھنن چيو ته سڄي شھر۾ مڇرمار اسپري نٿو ڪرايوڃي ۽ ڪتامار مھم به نه ٿي  آھي جنھن جي ڪري شھر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي  ۽ ڪيترن ئي شھرين کي ڏاڙي زخمي ڪيو اٿن  ھنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آھي تـ ھن ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي جو نوٽيس ورتو وڃي  ۽ ڪرپٽ ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغرڀنڊ کي فوري طور تي ھٽايو وڃي ـ 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں