محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇي جي ڌرتي جيڪا ڏُکن سُکن جي سونهن سان سمايل هڪ داستان آهي جتي هميشه انساني زندگين کي جانور سمجهي اسان جي حڪمرانن ناروا سلوڪ رکيو آهي هن ڌرتي جي محبت ڀائيچاري امن ۽ صاف سُٿري ماحول سان گڏ ڪاڇي واسين جي مهمان نوازي ڪونهين ڏور مشهورآهي پر الائي ڇو هتان جي ماڻهن جي قسمت تبديل ٿيڻ بجاء ڏينهون ڏينهن ڏُکن جي ور چڙھندي پئي وڃي جنهن جو ڪارڻ آهي سياسي تعصب پرستي انا ساڙ، حسد جنهن ڪاڇي جي علائقن جي املھ ماڻھن کي هميشه پنهنجو نه پر پرايو سمجهيو، ڪاڇي جي زمين تي رهندڙ انسانن کي ڪڏھن به سُک پلئه نه پيا آهن ڪڏھن ڌاڙيل ڪلچر، ڪڏھن پوليس گردي، ڪڏھن ڀوتارن جا ڀوائتا رويا، ڪڏھن سياسي اناپرستين هن ڌرتي جي ماڻھن جا ترقي ڏانهن ويندڙ سمورا گس رستا راهون بند ڪيون ويون آهن گذري ويل اونهاري جي برساتن جڏھن ڪاڇي جي هزارين مسڪينن جا ويڙھا ويران ڪيا، ماڻھن جون سڀ خوشيون کسي ڇڏيون، ڪاڇي واسين جون موت جي منهن ۾ ويل زندگيون مس مس وڃي بچيون، ۽ پوء هزارين ماڻھن کي اهي آسرا ۽ اميدون ٿيڻ لڳيون ته اسان جا حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا جيڪي هميشه چوندا رهيا آهن ته اسان هميشه عوامي خدمتن تي يقين رکون ٿا شايد هو ڪاڇي واسين مٿان آيل قدرتي آفت ۾ احساس سمجهي ڪُجھ نه ڪُجھ ضرور امدادڪندا جڏھن برسات ۽ ٻوڏ پنهنجي تباهين بعد اختتام ڪيو ته سنڌ سرڪار خاص ڪري دادو ضلعي انتظاميه ۽ وزير اعلي سنڌ عين ان وقت پهتا جڏھن انهن جو سڀ ڪُجھ ٻوڏ ۾ لُڙھي چُڪو هو پوء ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي تباهين جا منظر فضائي نموني سان ڏٺا ويا ته ان فضائي جائزي دوران پاڻي جي گهيري ۾ آيل معصوم ٻارن عورتن مردن سنڌ جي اعلي حڪمرانن هٿ لوڏي هيٺ لهي بچائڻ جا اشارا ڪيا ته خدارا اسان کي هن قدرتي آفت مان بچايو وڃي پر ڪنهن به ڪاموري کي ڪو قياس نه آيو ته ڪي هي اُھي انسان آهن جنهن جي هڪ هڪ ووٽ تي اسان آسائشن واري زندگي پيا گذاريون ان فضائي جائزي ۾ سنڌ جي عوام جو ترجمان وزير اعلي سنڌ ۽ ڪاڇي جي تڪ تان چونڊيل نمائندا تعلقي جوهي ڀرسان ڪاڇي ۽ جوهي تعلقي جي حد ايف پي بند وٽ خيما کوڙي ڪاڇي جي انساني زندگين جو تماشو ڏسندا رهيا ۽ اهو جواز ڏنو ويو ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي بچائڻ لاء موسمي حالتون سازگار ناهن بس پوء انهن لفظن قدرتي آفت سٽيل ڪاڇي واسين جي دلين ۾ سنڌ سرڪار ۽ سندن ڪامورن ۽ دادو ضلعي سان واڳيل واڳ ڌڻين کان دلين ۾ نفرت پيدا ڪري ڇڏي، اهڙي افسوسناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ کانپوء ڪاڇي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻھن جي پرگهور لهڻ لاء ميڊيا شو ڏيکارڻ لاء ڪاميٽيون جوڙي ماڻھن کي کاڌ خوراڪ جي فراهمي لاء سروي شروع ڪئي وئي جنهن سروي بابت ٻُڌايو پئي ويو ته تپيدارن ۽ ڪوٽارن جيڪا ڪرپشن ڪئي اها به ٻوڏ متاثرن جي تازن ڦٽن تي مرهم رکڻ بجاء لوڻ رڳڻڻ برابر ڪئي وئي هر ماڻھون کان سروي لسٽ ۾ نالا لکرائڻ لاء ھڪ هزار رپين تائين رشوت وصول ڪئي وئي هڪ طرف ڪاڇي واسي مصيبت مان اڃا نڪتا ئي نه هئا ته مٿان وري سروي جي ڪمن ۾ انهن سان دوکيبازي شروع ڪئي جنهن سان هنن کي ويتر نااميدي جو منهن ڏسڻو پيو ڪاڇي ۾ تباهين سبب سرڪاري سطح توڙي غير سرڪاري ادارن طرفان ٿيل امدادي ڪاروائين مان ڪوبه ڪاڇي واسي مطمئن ناهي نقصان آهر انهن مسڪين ماڻھن جي ڪابه مدد ناهي جنهن جا لکين رپين جا رڳو ٺھيل گهر ڊٺا، ۽ انکان علاوه اناج مال متاع سميت جيڪي زمينون غير آباد ٿيون انهن جو ڪوبه حساب سرڪار ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ لاء راضي به ناهي اگرچ جيڪڏھن انهن کي ٿوري ڪُجھ رقم يا کاڌ خوراڪ جو سامان ڏنو ويو آهي ته اهو به بغير ڪنهن لالچ يا ادائگين جي نه ڏنو ويو آهي ڪاڇي ۾ جڏھن به تباهي آئي آهي ان جو وڌيڪ نقصان علائقي واسين ۽ فائدو حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن ۽ ويجهي لاڳاپيل ڪامورن کنيو جنهن ۾ ضلعي تعلقي توڙي يوسي ليول جي ماڻھن کي پلئه پيو آهي ڪروڙين رپين جو ٿيل نقصان صرف ڏھ هزار واري مخصوص رقم ۽ هڪ راشن جي ڪٽي تي ڪاڇي واسي متاثرن کي راضي ڪندڙ حڪمرانن توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ذرا سوچڻ گهرجي ته ڇا ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي جيڪي نقصان ڀوڳيو آهي اهو ته صرف هڪ ووٽ جي قيمت برابر ناهي جڏھن به ڪاڇي ۾ آفتون آيون آھن انهن ۾ سياسي ليول جا فيصلا ڪيا ويا آهن پنهنجا نوازي ڪئي وئي ڪاڇي جي متاثرن جي امدادي سامان ۽ مليل رقمن تي سياسي اثر رسوخ هلائي ورهاست ڪئي وئي آهي جاني توڙي مالي امداد کي ڇڏي ڪاڇي جي تباه ٿيل روڊن کي جيڪڏھن مڪمل ڪيو وڃي ته مڃجي کڻي ته عوام جي خدمت جي دعويدار حڪمرانن ڪُجھ قرض لاهڻ شروع ڪيو آهي پر ڏسجي ته قرض هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو جيڪڏھن سياسي فيصلن آڌار ادا ڪيو ويندو رهيو ته اهو عوامي قرض لاھڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو، ڪاڇي جي تباهي جي تاريخ تمام پراڻي آهي ڪڏھن قدرتي آفتن وسيلي ته ڪڏھن سياسي فيصلن آڌار هن علائقي جي انتهائي ڏُکين حالتن ۾ به ڪا ممڪن مدد نه ڪئي وئي جنهن سبب هن وقت ڪاڇو صرف نانءُ جو وڃي رهيو ۽ انجي بدتر حالت بڻائيندڙ هتان جا حڪمران ۽ سياسي جماعتون آهن جن پنهنجي پوزيشن ۽ پير ڄمائڻ خاطر ماڻھن کي چند ٽڪن عيوض ويڪائو ماڻھن وٽ وڪرو ڪري ووٽن وٺڻ بعد غريب ماڻھن جي قسمت ۽ انهن جي اميدن کي تڪ جي سياسي اميدوارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو جنهن عوامي خدمت جي نعرن واري سياست ۾ ويڪائو ماڻھن کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي ڪاڇي جي مسڪينن جا حق ڌاڙيلن جيان ڌاڙا هڻي کسيا آهن هن وقت جڏھن سڄو ڪاڇو تباهي جا منظر ڏئي رهيو آهي تڏھن به سياست کي چمڪائڻ واري روايت کي موروثي نموني مطابق هلائي ماڻھن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن دنيا ۾ جتي علائقا آفت سٽيل قرار ڏنا وڃن انهن متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي بنيادن تحت تڪڙا اُپاءُ وٺي ماڻھن کي رليف ڏنا ويندا رهيا آهن پر هتي ته انڌيرنگري ۽چرٻٽ راجا وارو قانون ۽ انصاف ۽ روايت رکي وئي آهي ڪاڇي ۾ ڪڏھن به سياسي حوالي سان اجتماعي طور ماڻھن جي فلاح بهبود لاء ڪم نه ڪيا ويا آهن هتي صرف اثر رسوخ رکندڙ افراد کي اوليت ڏئي ڪم ڪيا ويا آهن سياسي روين جي ابتي استعمال سبب ڪاڇو هميشه مصيبتن کي منهن ڏيندو رهيو آهي جنهن جا نقصان ڪاڇي قدرتي طور ڪاڇي واسين ڀريا ۽ نفعا اسان جي حڪمرانن کنيا ليڪن اڄ به اهي ئي ريتون رسمون جاري آهن جتي ٿيل تباهي ۽ انکانپوء ٿيل امدادي سرگرميون هڪ راشن جي ڪٽي تائين محدود ڪيون وڃن ان معاشري جي عوامي خدمتگارسياستدانن ۽ڪامورن مان وڌيڪ ڪمن جي اميد رکڻ ٻٻُرن کان ٻير گهُرڻ برابر آهي ۽ ڪاڇي سان هن ڀيري ايئن ئي ڪُجھ ڪيو ويو آهي
