ڪراچي شهر ڪنهن هڪ جماعت يا ٻولي ڳالهائڻ وارن جو ناهي، اسان چئون ٿا ته هي شهر هر ٻولي ڳالهائڻ واري جو آهي: پي پي چيئرمين

ڪراچي (بيورو) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان دهشتگردن کي جيل مان ڪڍيو، ملڪي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، دهشتگردي ختم ڪري رهنداسين. ڪراچي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان فيصلو ڪيو نئين سال جو جشن ڪراچي وارن سان گڏجي ملهائڻو آهي، اميد آهي ته شهري رات 12هين وڳي نڪرندا ۽ نئين سال جي آجيان ڪندا. هن چيو ته پ پ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنهن جو واعدو ڪيو هو، بي اعتمادي ذريعي هڪ شخص کي گهر موڪليو ويو، اها عوام جي فتح آهي، توهان ئي ان سليڪٽڊ، هٿ ٺوڪئي ۽ نالائق جو بندوبست ڪيو، 6 مهينا گذرڻ باوجود به بني گالا مان رڙين جو آواز اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جمهوريت ۽ سياست کي نقصان پهچايو، پ پ ماضي ۾ به ملڪ بچايو ۽ اڳتي به بچائيندي، جڏهن به مقابلو ٿيو فتح سچ جي ٿيندي، عمران خان دهشتگردن کي جيل مان ڪڍيو، اسان کي امپورٽڊ چوندڙ ملڪ ۾ دهشتگردي کي امپورٽ ڪيو، اسان ملڪي سلامتي تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين ۽ دهشتگردي جو خاتمو آڻي رهنداسين. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ڪنهن هڪ جماعت يا ٻولي ڳالهائڻ وارن جو ناهي، اسان چئون ٿا ته هي شهر هر ٻولي ڳالهائڻ واري جو آهي، مراد علي شاهه ڪراچي لاءِ وڏو ڪم ڪيو، ڪو وڏو وزير ان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪراچي ۾ هٿرادو مينڊيٽ بيهاريو ويندو هو، 15 جنوري تي ڪراچي ۾ چونڊون ٿينديون، 16 جنوري تي جيالو ميئر هوندو، اسان ڪراچي وارن جا نمائندا بڻجي مسئلا حل ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں