اغوا واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي:جي يو آءِ اڏيرو لال

اڏيرولال(ن س) اڏيرولال اسٽيشن ۾ عورت جي اغوا واري معاملي بعد اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ عدنان بهلم خلاف جوابدارن جي ويجهن عزيزن پاران سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي کان پوءِ جميعت علماءِ اسلام اڏيرولال اسٽيشن جو هنگامي اجلاس  ٿيو، جنهن بعد پريس ڪلب اڏيرولال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جميعت اڳواڻن مولانا علي شير ڇٽو، جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقيوم جوڳي ۽ عدنان بهلم پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اها سڀني کي خبر آهي ته ڪير منشيات فروش آهي، ڪير چرس وڪڻندڙ آهي ۽ ڪير شراب وڪرو ڪندڙ آهي؟ اغوا ٿي ويل عورت جي ڀاءُ عدنان بهلم چيو آهي ته جوابدار ڪيلاش ميگهواڙ ۽ حنيف کوسو پاڻ کي ڪيس کان بچائڻ لاءِ اسان جي ڪردار ڪشي ڪري اسان جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جوابدار پاڻ کي بچائڻ لاءِ غلط رستو اختيار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته جميعت علماءِ اسلام ان معاملي کي مٿين سطح تي کڻي ويندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪري آزاد گهمندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں