اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو تعلقه پريس ڪلب اوٻاوڙو رجسٽرڊ جي 2023 جي چونڊجي آيل باڊي لاءِ حلف برداري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڏھرڪي پريس ڪلب جي صدر سينئر صحافي پيربخش راڄڙي۽ سينئر صحافي سيد ظاهر شاھ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن تعلقه پريس ڪلب اوٻاوڙو رجسٽرڊ جي نئي چونڊجي آيل باڊي جي عهديدارن کي حلف کڻايو،جنهن ۾ صدر محمد شعبان ملڪ، سينئر نائب صدر اقبال انجم، نائب صدر عزيز الله ملڪ، جنرل سيڪريٽري قابل تبسم رند، جوائنٽ سيڪريٽري رحم دين چاچڙ، ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري فائق علي راڄڙي، آفيس سيڪريٽري محمد يوسف مغل، فنانس سيڪريٽري علي شير چاچڙ، انفارمیشن سيڪريٽري ظفر نور ڀٽو حلف کنيو جڏهن ته تعلقه پريس ڪلب اوٻاوڙو رجسٽرڊ جي صدر محمد شعبان ملڪ ڪور ڪاميٽي جي عهديدارن چيئرمين عبدالواحد ملڪ، ڪور ڪاميٽي ممبر محمد سومار شر، راحب علي رند، غلام عباس کوسو، کي حلف کڻايو، پروگرام ۾ سياسي، سماجي، اور صحافي دوستن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سينئر قانوندان ۽ فنگشنل ليگ پنجاب جي قائم مقام صدر ايڊوڪيٽ رئيس خالقداد چاچڙ،مشتاق احمد سومرو، صحافي صدام حسين ملڪ، صحافي عبدالمجيد شر شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پريس ڪلب جي صدر، عهديدارن، ۽ آيل مهمانن خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي هن مختلف خطرن واري دئور ۾ سچي ۽ آزاد صحافت ڪندڙ صحافين کي ڊيڄاري، ڌمڪايو، ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي دئور ۾ صحافت ڪرڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ نه آهي،جڏهن ته ڏکين مسئلن ۽ صحافين جي شهيد ٿيڻ باوجود قلم ڌڻين جا حوصلا اونچا آهن، صحافي هر حادثي، واقعي، هر مسلي جي هر خبر کي نشر ڪرائي، ڇپرائي مظلوم عوام جو آواز وس وارن، ۽ اعلي ايوانن تائين پهچائي ٿو، هنن چيو ته اسان صحافين جا حوصلا بلند آهن ۽ تعلقه پريس ڪلب اوٻاوڙو رجسٽرڊ جي عهديدارن ۽ ممبر دوست پنهنجا فرض نڀائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن
