لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا آخري ملاقات ۾ چيو هوته اوهان پلي بواءِ آهيو، مون جواب ڏنو هاءِ مان پلي بواءِ آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڊونلڊ لو کي پاڪستان مان سبق پڙهايوويو، آمريڪا ۾ ٽرمپ حڪومت تاريخي استقبال ڪيو. هن چيو ته اسان جي پنجاب اسيمبلي ٽن ميمبرن کي اعتماد جي ووٽ لاءِ اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهڻ جو چيو، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي گڏ ۽ باپ کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا بابت عمران خان چيو ته باجوا مُلڪ لٽيندڙن جي احتساب جي خلاف هو انڪري هُن سان لاڳاپا خراب ٿيا، آمريڪا ۾ حسين حقاني کي باجوا لابنگ لاءِ هائر ڪيو ويو . هن چيو ته حسين حقاني منهنجي خلاف ڪمپين ۽ جنرل باجوا جي مشهوري ڪندو رهيو، باجوا آخري ملاقات ۾ مون کي چيو ته اوهان پلي بواءِ آهيو، مون جواب ڏنو ته ها مان پلي بواءِ رهيو آهيان، باجوا پٺي ۾ ڇرو هڻي همدردي جو اظهار به ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ اڃا تائين باجوا جو سيٽ اَپ ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو نالو هڪ ماڻهو جو آهي، ملڪ تڏهن هلندو جڏهن فوج ۽ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي هونديون. پي ٽي آءِ چيرمين چيو ته اسيمبلين ۾ وڃي ڇا ڪنداسين؟ ڪو فائدو ناهي، ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ پائيدار حڪومت ٺهي، شفاف چونڊن سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو، اسٽيبلشمينٽ معيشت سميت سڀني بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو کي افغانستان بابت ڪا ڄاڻ ناهي، موجودا افغان سرڪار سان بهترين لاڳاپا هئا، دهشتگردي کپائي ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، مشرف به ائين ڪيو هو، مشرف جي اهڙي قدم سبب 80 هزار انساني جانيون جو زيان ٿيو. سندس چوڻ هو ته ملٽري آپريشن جي سدائين خلاف هيس، مون وزيرستان آپريشن خلاف هميشه آواز اُٿاريو، ملٽري آپريشن سان هڪ مسئلو حل ۽ سئو مسئلا پيدا ٿيندا آهن. هن چيو ته بشريٰ بي بي گهرو عورت آهي، آڊيو ليڪس ذريعي نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون؟ بشريٰ بي بي گهر کان ٻاهر رڳو پاڳل خانن ۽ لنگر خانن ۾ ويندي هئي، هوءَ مريم نواز ناهي جو هار سينگار ڪري، مريم نواز جي سرجري تي لکين رُپيا خرچ ٿيندا آهن. ڪرڪيٽ بورڊ جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته نجم سيٺي جو ڪرڪيٽ سان ڪو واسطو ناهي، نجم سيٺي ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿو، رميز راجا ڪرڪيٽ کي فائدا ڏنا، نجم سيٺي کي آڻڻ لاءِ بورڊ جو آئين تبديل ڪرڻو پيو، رميز راجا ڪرڪيٽ بورڊ جا پئسا بچايا، نجم سيٺي کي آڻي ڪرڪيٽ بورڊ کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته حسين حقاني منهنجي خلاف ڪمپين ۽ جنرل باجوا جي مشهوري ڪندو رهيو، باجوا آخري ملاقات ۾ مون کي چيو ته اوهان پلي بواءِ آهيو، مون جواب ڏنو ته ها مان پلي بواءِ رهيو آهيان، باجوا پٺي ۾ ڇرو هڻي همدردي جو اظهار به ڪري رهيو هو.
