سائرا انور کي ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جاچ لاءِ طلب

ڪراچي (م ڊ) سائرا انور کي ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، سائرا انور کي وڌيڪ جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. سائرا انور مبينا طور تي پنجاب جي اعليٰ ۽ اهم ترين شخصيت جي ٽين زال آهي. هن طاقتور شخصيت جو واسطو پنجاب جي وڏي سياسي گهراڻي سان آهي، اهم ڌرين ۾ سائرا انور وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٽين زال جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي. ايف آءِ اي سائرا انور جي اثاثن ۾ غيرمعمولي واڌ، سندس نالي تي رجسٽرڊ زمينن ۾ واڌ تي جاچ شروع ڪئي آهي. ذريعن موجب تازو سائرا انور جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا ٽرانسفر پڻ ٿيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں