قمبر(ڊ ر)پ پ شھيد ڀٽوطرفان مهانگائي خلاف نئي سال جي پھرين ڏينھن احتجاجي مظاھروڪري پريس ڪلب روڊ تي ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي ايڊووڪيٽ نواب الدين چانڊيو،شوڪت چانڊيو،عرفان علي گوپانگ،طفيل سانگاھ،نظير چانڊيو،لالا حفيظ پٺاڻ،وقار شابراڻي،پير بخش سپرو،ياسر چانڊيو،امجد ڦل،احسان ٻرڙو،راڻو جميل شيخ، علي رضا گوپانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪئي وئي آھي خاص ڪري سنڌ ۾ حد کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي آھي مهانگائي سبب غريب پورهيت جوجيئڻ جنجال ٿي ويو آهي مزدورطبقو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي اٽو 140،بصر 250، گوشت 800 ڪلو،مڇي 600 ڪلو، مرغي 500 ڪلو ٿي وئي آھي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گدامن ۾ پيل ڪڻڪ واپارين کي سستي اگھ تي ڏيڻ جواعلان ڪندي چيو ھو ته ھر شھر ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا پر قمبر ۾ گذريل 3 مھينن کان وٺي ٻه ڀيرا اسٽال لڳايو ويو اسين ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کان گھر ٿا ڪيون ته قمبر شھر ۾ ھر روز جي بنياد تي سستي اٽي جا اسٽال لڳايا وڃن ٻئي صورت ۾سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ھن مهانگائي جو نوٽيس وٺي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪيو وڃي،،
