لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل 5 ورهين جي نينگري بسمه جاگيراڻي کي پوليس هٿ ڪري نه سگهي جنهن ڪري وارثن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. ان سلسلي ۾ نينگري بسمه جي بازيابي لاءِ وارثن ايس ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نينگري پيءُ محمد فاروق جاگيراڻي پنهنجي وارثن ارشاد علي جاگيراڻي، عنايت الله جاگيراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 28 ڊسمبر جي ڏينهن صبح 10 هين وڳي منهنجي ڌيءَ بسمه جاگيراڻي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ٿي ۽ ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهي بعد ۾ اسان پاڙي مان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا جنهن ۾ ٻه عورتون ڌيءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيون آهن اهڙا فوٽيجز وليد پوليس کي ڏنا پر پوليس 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڌيءَ جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي جنهن ڪري اسين سمورا گهرڀاتين سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون مجبور ٿي اسان ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي اسدالله ڀٽي ۽ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي نينگري جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته نينگري جي ڳولا جاري آهي تنهن ڪري توهان ڌرڻو ختم ڪيو ان دوران ڊي ايس پي اسدالله ڀٽي نينگري جي والد ۽ ٻين کي ڇڙٻون ڏيندي چيو ته جيڪو مسئلو آهي اهو ٻڌايو پنهنجي تقرير بند ڪيو ان تي نينگري جي والد جذباتي تي پوليس آفيسرن کي چيو ته خدارا منهنجي ڌيءَ کي بازياب ڪرايو اسين سخت پريشان آهيون. هوڏانهن اهڙي خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري روانا گهر روانا ٿي ويا.
