لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سماجي ورڪرن ۽ شهرين سان گڏجي وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي جي کوٽ خلاف شهر جي ذوالفقار باغ واري علائقي مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ ڳچين ۾ مانيون ٻڌي ڌرڻو هنيو جتي هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن شمس الدين سروهي، احمد بخش ڪورائي، رمضان شيخ، پپن سومرو، شاهد ابڙو، ديدار شيخ، مجتبيٰ جتوئي، جاويد مگسي، عبدالرحمٰن تونيو، عبدالغفار ميراڻي، نظير ٿهيم ۽ ٻين چيو ته موجوده وفاقي توڙي صوبائي حڪومت عام عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، هن وقت لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، اٽي سميت ٻين کاتي پيتي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سڙي جنهن ڪري اڄ اٽو 5 هزار روپيا مڻ شهر اندر وڪرو ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته هي حڪومت عام عوام جي لاءِ اقتدار کان اڳ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهي هئي ۽ ٽريڪٽر مارچ، لانگ مارچ ڪري عوام کي چوندي رهي ته اسين اوهان جي لاءِ نڪري پيا آهيون ته پوءِ هن وقت اهي اقتدار ۾ ويهڻ کان پوءِ پاڻ انهي مهانگائي تي ڪنٽرول ڇو نه ٿي ڪري ۽ لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ريڙهن وارن ۽ ٻين پورهيتن تي ڏنڊ هڻڻ بجاءِ واپارين ۽ منافعي خورن تي ڪنٽرول ڇو نه ٿي ڪري، جنهن عمل جي مذمت ڪجي ٿي. هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي اٽي سميت عام واهپي جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪري غريب طبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں