ميرپورخاص ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ خوراڪ کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) خوراڪ کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتاءَ لاءَ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن غلام مصطفي ميمڻ ، خميسو خان چانهيو، سجاد لغاري ، جاويد ۽ ٻين چيو صوبي جي سڀني سرڪاري ادارن جي ملازمن کي ٽائم اسڪيل ۽ ترقيون ڏنيون وڃن ٿيون پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود خوراڪ کاتي کي ٽائم اسڪيل ۽ ترقين کان مڪمل محروم رکيو ويو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي پڙهيل لکيل ملازم چوڪيداري جي پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي فوري طور اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ وردي جي مد ۾ صرف 800 روپيا جيڪي تمام گهٽ آهن جڏهن هن مهنگائي جي دور ۾ ايترا پئسا هڪ جوڙي سلائي جا ٿين ٿا جڏهن اسان سروس بڪ مڪمل نه آهن ان  کانسواءُ جي پي فنڊن کان پڻ محروم رکيو ويو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي جڏهن ته اسان جي خوراڪ کاتي ۾ 30 سيڪڙو فوتي ڪوٽا هجڻ باوجود ان تي ڪو به عمل نه ٿيڻ سبب ملازمن ۾ سخت بي چيني ۽ ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي  لوئر اسٽاف جا مسئلا حل ڪرڻ سرڪاري جي ذميواري آهي هنن صوبائي وزير خوراڪ ، سيڪريٽري خوراڪ سميت واسطيدار اختيارين کان پر زور مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور اسان جا جائز مسئلا حل ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻيصورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں